لنڊن (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر مائيڪل وان شاهين شاهه آفريدي کي بابر اعظم کان بهتر ٽي 20 فارميٽ جو رانديگر قرار ڏنو آهي. هڪ بيان ۾ مائيڪل وان چيو ته بابر اعظم هڪ سٺو بيٽسمين آهي پر هو ٽي 20 فارميٽ ٽيمن ۾ فٽ نٿو ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن بابر اعظم کي انگلينڊ، آسٽريليا يا ويسٽ انڊيز جهڙين ٽيمن ۾ ڏٺو وڃي ته پوءِ اتي ٽي 20 ۾ سندس جاءِ مشڪل آهي. مائيڪل وان شاهين شاهه آفريدي جي تعريف ڪئي، کيس هڪ شاندار بالر قرار ڏنو ۽ چيو ته هو هن فارميٽ ۾ پاڪستان لاءِ ميچ ونر آهي. هن عماد وسيم، فخر زمان ۽ محمد عامر کي پاڪستان جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ اهم ۽ اثرائتو رانديگر پڻ سڏيو.