اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جو چوڻ آهي ته مائنس باني جون ڳالهيون هلي رهي رهيون پر ائين بلڪل نه ٿيندو، هڪ ئي ليڊر آهي ۽ اهو آهي عمران خان، وائس آف امريڪا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڪثر ٻڌندا آهيون ته بشريٰ بي بي يا عليمه خان پارٽي جي قيادت وٺي رهيون آهن اهي ڳالهيون هروڀرو ڦهلايون پيون وڃن، پي ٽي آءِ جي قيادت سان رابطي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارٽي مان ڪو به اسان سان رابطي ۾ ناهي هوندو جڏهن پارٽي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو هو ان ڏينهن سلمان اڪرام باني کي پيغام موڪلڻ جو چيو هو. بشريٰ بي بي بابت هن جو چوڻ هو ته باني بشريٰ کي احتجاج بابت ڪي به هدايتون نه ڏنيون هيون ڇاڪاڻ جو هوءَ بيمار هئي، هن مشال يوسفزئي جي ڊي چوڪ جي حوالي سان بيان کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.