واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز)آمريڪا ۾ 4 سال جي ٻارڙي والده پاران آئس ڪريم کائڻ تي پوليس گهرائي ورتي ،آمريڪي رياست وڪوسنسن ۾ مائونٽ پليزنٽ پوليس ڊپارٽمينٽ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ٻه آفيسر هڪ گهر پهتا جتي هڪ ننڍڙي ٻار 911 تي فون ڪري شڪايت ڪئي ته سندس ماءُ ايتري خراب آهي ته کيس جيل وڃڻ گهرجي.چئن سالن جي ٻارڙي پوليس آفيسر کي ٻڌايو ته سندس ماءُ سندس آئيس ڪريم کاڌي آهي ۽ کيس جيل وڃڻ گهرجي.ٻار بعد ۾ پنهنجي ماءُ جي سزا بابت پنهنجو ذهن تبديل ڪيو ۽ چيو ته هو صرف آئس ڪريم کائڻ چاهي ٿو.ٻئي ڏينهن آفيسر ٻار کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ آئيس ڪريم سان گڏ هن جي گهر ويا ڇاڪاڻ ته هن فيصلو ڪيو هو ته هو هاڻ پنهنجي ماءُ کي وڌيڪ تنگ نه ڪندو.