ماءُ جي مزاحيه وڊيو ٺاهڻ تي شرميلا فاروقي پاران اينڪر پرسن ناديه خلاف سائبر ڪرائم ۾ وڃڻ جو اعلان

0
131
شرميلا فاروقي پاران اينڪر پرسن ناديه خلاف
ماءُ جي مزاحيه وڊيو ٺاهڻ تي شرميلا فاروقي پاران اينڪر پرسن ناديه خلاف سائبر ڪرائم ۾ وڃڻ جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شرميلا فاروقي پنهنجي ماءُ جي مزاحيه وڊيو ٺاهڻ تي مشهور اداڪاره ۽ اينڪر پرسن ناديه خلاف ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شرميلا فاروقي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل هفتي ڪراچي ۾ صبور علي جي شادي تقريب هئي، ان تقريب ۾ ناديه خان منهنجي ماءُ سان سيلفي ڪڍرائي، ۽ سيلفي جي بهاني هڪ اهڙي مزاحيه وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا پيج تي رکي، جنهن سان اسان جي دل آزاري ٿي آهي

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Centre Stage (@centrestage__)

هن چيو ته شهرت جي شوقين ناديه خان سان جڏهن رابطو ڪري وڊيو هٽائڻ جو چيو ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته ان ۾ غلط ڳالهه ڪهڙي آهي؟ شرميلا فاروقي موجب ناديه خان کي منهنجي ماءُ سان وڊيو ٺاهڻ جو ڪو به جواز نٿو بڻجي، ۽ وڊيو ۾ جهڙي ريت مزاق اڏايو ويو آهي، اهو نهايت غلط عمل آهي

آئون ناديه خان خلاف ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم ۾درخواست ڏئي رهي آهيان ۽ ناديا خلاف قانوني ڪارروائي ڪنديس. ناديه خان جي اهڙي وڊيو سان اسان جي سڄي خاندان جي دل آزاري ٿي آهي.