ڪجھ ڏينھن اڳ حاجي نور پلي جي جنازي نماز پڙھڻ لاءِ صفون ٻڌي بيٺل سڀئي ماڻھو انڪري سوڳوار ھئا، جو حاجي نور پنھنجي مختصر حياتيءَ ۾ ڪنھن سان به ٻاڙو نه ٻوليو ھو، ھو مسڪينان مار ماڻھو نه ھو ۽ ھو ھارين لاءِ ھچا بڻيل وڏيرو نه ھو، بلڪه ھو عالمن، اديبن ۽ سگھڙن جي سنگت کي پسند ڪندڙ اھڙو بافضيلت ۽ فقير ماڻھو ھو، جنھنکي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به شئي ۾ دلچسپي نه ھوندي ھئي. ھو ھڪڙي حد تائين اسلام جي تاريخي قصن ۾ دلچسپي رکڻ جي باوجود مختلف مسلڪ جي مولوين جي ھڪٻئي جي خلاف ٿيندڙ دليل بازيءَ کان بيزار ھوندو ھو.
اسين ننڍپڻ کان ھڪٻئي سان محبت ڪندڙ ويجھا عزيز ھجڻ جي باوجود گذريل ڪيترن ئي سالن کان تفصيلي ڪچھرين کان محروم رھياسين. ڪٿي واٽين پنڌين يا ڪنھن مرڻي پرڻي تي ملڻ ۽ بيٺي بيٺي حال احوال ڪرڻ تائين محدود ٿي وڃڻ کانپوءِ ھو ھڪ ڏينھن پنھنجي سالي محمد عمر پلي سان گڏ اوچتو اچي منھنجي آفيس پھتو ۽ منھنجي آخري چاچي سليم جو ذڪر ڪندي چيائين ته، “مامي سليم جي وفات کان پوءِ مونکي محسوس ٿيو آھي ته ھاڻ پنھنجو رشتو قائم رکڻ لاءِ مونکي ئي وقت ڪڍڻو پوندو، ڇو ته آئون توکان وڏو آھيان، تنھنڪري مون تي وڌيڪ ذميواري عائد ٿي ٿئي.” اھا ذميواري نباھڻ جي ھن کي زندگي جيتوڻيڪ تمام مختصر مھلت ڏني پر ان ٿوري عرصي ۾ اسانجي وچان ويجھو رابطو قائم رھيو.
مون ھڪ دفعي پنھنجي خواھش جو اظھار ڪندي کيس چيو ته مونکي ڳوٺ جا اھي سمورا گھر ۽ گھٽيون توسان گڏ گھمي ڏسڻيون آھن، جن ۾ پاڻ رانديون کيڏيندي وڏا ٿيا ھئاسين. پر ھو مون کي ڳوٺ گھمائڻ کان اڳ ئي اوچتو ان ڳوٺ ڏانھن لاڏاڻو ڪري ھليو ويو، جتي سندس اھي عزيز ۽ اقارب ابدي آرامي آھن، جن جو ذڪر ڪندي ھن جي سھڻين ۽ سرخ اکين ۾ سدائين آب تري ايندو ھو. ھاڻ ته اسانجي ملاقات به شايد ان پاڙي ۾ ئي ٿيندي پر ديھ ڪونجيليءَ جي ھن ڳوٺ گل محمد پلي ۾ اسين تڏھن مليا ھئاسين، جڏھن 1976ع جون ڪڻڪون پچڻ تي ھيون ۽ اسين ٿر جو وڏو پنڌ اڪري اچي ھن ڳوٺ ۾ آباد ٿيا ھئاسين. حاجي نور پلي جو والد وڏيرو گل محمد پلي مرحوم ڇاڪاڻ ته بابا جو ڀيڻويو ھو، تنھنڪري اسان لاءِ ھن نئين ڳوٺ ۾ ڪابه اوپرائپ نه ھئي.
مونکي اھو زمانو جيتوڻيڪ چٽو ياد ڪونھي پر منھنجين ڌنڌلين يادگيرين جي جھروڪن مان آئون اوڏڪي ڀت سان ٺھيل پرائمري اسڪول جو اھو ڪچو ڪمرو ڏسي سگھان ٿو، جنھن ۾ سائين صديق ماڇي وٽ مونکي الف بي پڙھائڻ لاءِ داخل ڪيو ويو ھو. ان وقت حاجي نور ۽ مرحوم محمد شايد پنجون درجو پاس ڪري چڪا ھئا ۽ علي محمد منھنجو ھم ڪلاسي ھو. اسڪول جي ڀر ۾ مسجد ۽ مدرسو ھو، جنھن ۾ پھرين مولوي عزيز اللھ ۽ پوءِ مولوي ادريس ماڇي اسانکي سبق ڏيندا ھئا، جڏھن ته اسڪول ۽ مسجد جي اڳيان ٻٻرن جا گھڻا ۽ گھاٽا وڻ ھوندا ھئا، جن جي ڇانوَ ۾ رکيل کٽن تي ھر جمعي جي ڏينھن سڄو ڳوٺ اچي ڳاھٽ ٿيندو ھو.
ھونئن ته ڳوٺ جا سڀ مرد ماڻھو روزاني فجر نماز کانپوءِ اوطاق تي به اچي گڏبا ھئا، گھاٽي کير مان ٺھيل چانھ جون وڏيون ڪٽليون گھران ڀرجي اينديون ھيون ۽ ٻن اڍائين ڪلاڪن تائين ھلندڙ ڳوٺاڻن جي اھا ڪچھري روز جو معمول ھوندي ھئي. جنھن کانپوءِ چاچو گل محمد مرحوم ھينڊل سان اسٽارٽ ٿيندڙ پنھنجي ٻاونجاھ ماڊل جيپ تي سوار ٿي ڍوري ناري شھر ھليو ويندو ھو. سندس روزاني جي معمولات ۾ اھو اصول سختيءَ سان شامل ھوندو ھو ته ھر جمعي تي پاڻ شھر نه ويندو ھو، بلڪه صبح جو سوير تيار ٿي ٻٻرن جي ڇانو ۾ اچي ويھندو ھو. جمعي نماز تائين ھلندڙ ڳوٺاڻن جي ڪچھري ۾ موجود ماڻھن سميت سڀني جماعتين لاءِ گھران ڀت جا ديڳڙا رڌجي ايندا ھئا، جيڪي کائڻ کانپوءِ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھر ھليو ويندو ھو ۽ اسانکي آخر ۾ ڏھ ڏھ روپيا خرچي ملندي ھئي، جن مان منھنجا ۽ علي جا ڏھ ڏھ روپيا اسانکي ڌتاري ستاري گھڻو ڪري نور ۽ محمد کڻي ويندا ھئا. اسين ٻئي ٽافين ۽ سوپارين ملڻ تي ئي شڪرانو ڪندا ھئاسين.
اسانجي گھر جي لڳو لڳ اتر پاسي پاڻيءَ جي وڏي کاڻ ھوندي ھئي، جنھن ۾ ھڪ ڏينھن وھنجندي مونکي ڪو زھريلو جيت پير ۾ ڏاڍو چڪ ھڻي ويو. نور ۽ محمد ڊڄندي ڊڄندي مون کي گھر وٺي آيا ۽ امان کي چيائون ته اسين مولوي عزيز اللھ کان پاڻي پڙھائي ٿا اچون، جيڪو پيارڻ کانپوءِ ھي ٺيڪ ٿي ويندو ۽ پوءِ مونکي اھو پاڻي ته پياريو ويو پر سور مونکي اھڙو ساڻو ڪيو، جو ڇڙئي پاڻي ۾ وھنجڻ تان اڄوڪي ڏينھن تائين منھنجو ارواح ئي کڄي ويو. اونھاري جي چانڊوڪين راتين ۾ پاڻي جي ان کاڻ جي اندر ڏيڏرن ۽ مٿان اڏامندڙ ٽيٽھير پکين جي ٽران ٽران سڄي ڳوٺ کي زندگي جي دلڪشي سان آشڪار ڪري ڇڏيندي ھئي. زندگيءَ جا اھڙا زمانا ساريندي مون جيان شايد ھر ڪنھن جي ھينئين تي اردو جو اھو مشھور گيت تري ايندو ھوندو ته،
وه معصوم چاهت ڪي تصوير اپني،
وه چڙيان، وه بلبل، وه تتليان پڪڙنا
وه جهولون سي گرنا، وه گر ڪر سنڀلنا
بڙي خوبصورت ٿي وه زندگاني
وه ڪاغذ کي ڪشتي، وه بارش ڪا پاني
ھاڻ حاجي نور سان گڏجي آئون نه رڳو پاڻي جي اھا کاڻ ڏسي نه سگھندس پر اسانجي ھڪڙي رشتيدار جي گھر گھاٽن وڻن جي وچ ۾ ڪچي مٽي مان اڏيل ان ڪشادي ٿلھي وارو ھنڌ به ڏسي نه سگھندس، جنھن تي اسين بلور راند کيڏيندا ھئاسين ۽ نور بلور ھارائڻ جي رد عمل ۾ اسانجا کٽيل بلور ٿلھي جي ڀرسان وھندڙ واٽر ۾ اڇلائي ڀڄي ويندو ھو.
بلڪه ھاڻ ان ڳوٺ جون سڀئي ساروڻيون اھو محبتي ماڻھو پاڻ سان گڏ ويڙھي وڃي چڪو آھي، جنھن جي انتقال کان ھفتو کن اڳ آئون سندس ننڍڙي نياڻي جي تڏي تي ويٺو ھئس. مھمانن جي گھڻي رش ھجڻ جي ڪري آئون سندس ڀر مان اٿي ٻئي پاسي ويٺل دوستن سان ڪچھري ۾ وڃي ويٺس. ٿوري دير کانپوءِ مونکي پنھنجي ڀر ۾ ويٺل نه ڏسي مونکي وڏا وڏا سڏ ڪرڻ لڳو ۽ آئون جڏھن ٻيھر وڃي سندس ڀر ۾ ويٺس ته آھستي آھستي ڳالھ وري اتان ئي شروع ڪيائين، جتي ڪجھ دير اڳ ڇڏي ھئائين. سندس نياڻي جو وڇوڙو ھن جي وجود ۾ ڄڻ ته وڍ وجھڻ لڳو ھو. ھو بار بار پنھنجي ننڍڙيءَ پاران کيس چيل اھو آخري جملو ورجائي رھيو ھو ته، “بابا! مونکي ‘ڀوئا’ سڏ پئي ڪري، آئون وڃان ٿي ‘ڀوئا’ ڏانھن.”
حاجي نور جو پنھنجي ان ڀيڻ ۾ به ته ساھ ھو جيڪا سال کن اڳي وفات ڪري وئي ھئي. شام جو موڪلائڻ وقت مون کي چيائين ته، “تون وري جلدي اچجانءِ.” پر مون حسب دستور وڃڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي ۽ ھفتي ۾ ھو پاڻ ھميشه لاءِ ھليو ويو. ھونئن ته حاجي نور ننڍپڻ کان ئي حساس طبيعت جو مالڪ ماڻھو ھو پر سندس دادلي ڀيڻ جي وڃڻ کانپوءِ ھن جي وجود جو اڌ حصو ڄڻ ته انتقال ڪري ويو ھو ۽ باقي وجود جو اڌ حصو ننڍڙي ڌيءَ سان گڏ فوت ٿي ويو. پويان ھن وٽ رڳو ڪجھ ڳالھيون ۽ ڪجھ ڳوڙھا ئي وڃي بچيا ھئا، جن لاءِ ھفتي کان وڌيڪ ھلڻ مشڪل ھو.
ھاڻ نارا ڪئنال مان نڪرندڙ ٻن وڏن واھن جي وچ ۾ آباد اھو ڳوٺ، سرسبز زمين، وڏا وڻ ۽ پکي ته ساڳئي ھنڌ آھن پر سدا مرڪي ملندڙ اھو محبتي ماڻھو الائي ڪٿي آھي، جنھنکي زمانو حاجي نور محمد پلي جي نالي سان وڏي عرصي تائين ياد ڪندو.
پرڀرو ھڪ ڳوٺ آھي
اورتي واريءَ دڙا
۽ وچ ۾ ھڪ واھ آھي
تون ڪٿي آھين؟