لاهور (م ڊ) جھانگير ترين جي ڀاءُ عالمگير ترين جي موت جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڪيل فارنزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن م سندس موت کي ظاهري طور خودڪشي قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب عالمگير جي هٿ تي گن جا نشان مليا آهن، عالمگير جي لوندڙي تي تمام ويجھي کان گولي لڳڻ جا ثبوت مليا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عالمگير ترين جي موت جو ڪو ٻيو سبب سامهون نه آيو آهي. ياد رهي ته عالمگير ترين 7 جولاءِ تي لاهور ۾ پنهنجي گھر ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، واقعي واري جاءِ تان هڪ پستول۽ هڪ ڪاغذ به مليو هو، جنهن کي فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويو هو.