اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلنز ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي، جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا آرٽيڪل ٽو ون ڊي سويلينز تي لاڳو ناهي ٿيندو جنهن تي فيصل صديقي چيو ته سويلنز تي لاڳو ٿيندو آهي. پر چارج فريم کانپوءِ لاڳو ٿيندو آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته راولپنڊي ۽ لاهور جي عدالتن جي حڪمنامن جا لفظ بلڪل هڪ جهڙا آهن. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ججز جي انگريزي جا گهڻا مسئلا آهن، سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. سول سوسائٽي جي وڪيل فيصل صديقي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته ڪمانڊنگ آفيسر جوابدارن جي حوالگي جي لاءِ درخواستون ڏنيون. درخواستن جي شروعات ئي انهن لفظن سان ٿي ته ابتدائي جاچ ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڏوهه ٺهي ٿو. درخواست جا اهي لفظ اعتراف آهن ته جاچ مڪمل نه ٿي هئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جي حوالگي جي لاءِ جيڪي سبب ڏنا اهي کل جوڳا آهن. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج جوابدارن جي حوالگي جا حڪم ڏنا ۽ جوابدارن کي جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي قصور وار لکيو. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته راولپنڊي ۽ لاهور جي عدالتن جي حڪم نامن ۾ جا لفظ بلڪل هڪ جهڙا آهن. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ججز جي انگريزي جا مسئلا آهن. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته هڪ ايف آءِ آر ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جا قلم به لاڳو هئا. جنهن تي فيصل صديقي چيو ته اها ايف آءِ آر مون کي رڪارڊ ۾ نظر ناهي آئي. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته حوالگي واري ايف آءِ آر پڙهو. ان ۾ الزام فوجي ملڪيتن کان ٻاهر ڀڃ ڊاهه جو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته آرٽيڪل ٽو ون ڊي سويلنز تي لاڳو ناهي ٿيندو؟ جنهن تي فيصل صديقي چيو ته سويلنز تي لاڳو ٿيندو آهي پر چارج فريم ٿيڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندو آهي. جسٽس حسن اظهر رصوي رمارڪس ڏنا ته اوهان فريم چارج جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. چارج فريم گڏ ناهي ٿيندو. جڏهن چارج شيٽ جمع ٿيندي، اهي فريم ان سان گڏ ئي هوندو آهي. فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ايف آءِ آر جي بنياد تي ڪسٽڊي وٺڻي هوندي آهي ته پوليس کان ئي ورتي ويندي آهي. جيڪڏهن پوليس وارن کي ڪسٽڊي جو فيصلو ڪرڻو آهي ته پوءِ عدالت جي ڪهڙي ضرورت؟ جسٽس امين الدين خان فيصل صديقيءَ کي چيو ته هي سڃاڻپ ڪيئن ٿيڻ آهي ته ڪير ماڻهو ملوث آهن؟ جنهن تي فيصلو صديقي جواب ڏنو ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ملوث ماڻهن جي شناخت ٿي. فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته عدالتون ان لاءِ هونديون آهن ته قانون جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي. احمد فراز کي شاعري ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. عدالت رليف ڏنو . فيصل صديقي احمد فراز ڪيس ۾ عدالتي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته احمد فراز تي الزام هيو ته شاعري جي ذريعي آرمي آفيسر کي ڀڙڪايو ويو. احمد فراز ۽ فيض احمد فيض جو ڊاڪٽر منهنجو والد هيو. مون تي به ڀڙڪائڻ جو الزام لڳو پر مان گرفتار نه ٿيس. ان تي جسٽس مندوخيل مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته اوهان کي هاڻي گرفتار ڪرايون ٿا.جسٽس نعيم افغان ماضي جو واقعو ياد ڪندي ٻڌايو ته شاعر احمد فراز هڪ نظم بابت عدالت ۾ اِهو چيو هو ته اِهو نظم هن ناهي لکيو، جنهن تي جسٽس افضل ظُله چيو ته توهان ڪو اهڙو نظم لکو جيڪو فوج جي جذبن جي ترجماني ڪري. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته احمد فراز جي ڪهڙي نظم تي ڪيس ٺهيو. مون کي ته پوري ياد آهي. فيصل صديقي چيو ته اوهان ججز جي هوندي مون کي ڪو ڪجهه نٿو چئي سگهي. جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته بطور وڪيل ڪيس هارڻ بعد مان بار ۾ گهڻو شور ڪندي هئس. چوندي هئس ته جج ٽرڪ ڊرائيور وانگر اشارو ٻئي هنڌ ڪيو ۽ لڳايو ڪنهن ٻئي هنڌ. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جج بڻجي اوهان به ٽرڪ ڊرائيور وارو ڪم ڪري رهيا آهيو. جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. جسٽس مسرت هلالي چيو ته ٽرڪ ته مان هلائي سگهان ٿي، جسٽس مسرت هلالي فيصل صديقي کي چيو ته منهنجي ڳالهه کي گهرائيءَ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. منهنجو والد هڪ فريڊم فائٽر هيو. ان جي پوري عمر جيلن ۾ ئي گذري. منهنجو والد جيڪا شاعري ڪندو هيو اها ڪجهه ڏينهن اڳ پشتون جرڳه ۾ ڪنهن پڙهي. جرڳي ۾ منهنجي والد جي شاعري پڙهڻ وارو گرفتار ٿي ويو. شاعري پڙهڻ واري ٻڌايو ته ڪنهن جو ڪلام آهي ۽ ان جي ڌيءَ اڄ ڪير آهي. منهنجي والد جي شاعري پڙهڻ واري کي وڏي مشڪل سان آزادي ملي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته وقت جي حساب سان شاعري سٺي خراب لڳندي آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هاڻي ته چرسي تڪي واري کي به اصلي چرسي تڪه لکڻو پوندو آهي. جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ايندڙ ٻڌڻي تي به سول سوسائٽي جو وڪيل فيصل صديقي پنهنجا دليل جاري رکندو.