اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ مشهور قانوندان حامد خان چيو آهي ته لڳي نٿو ته ٽرمپ انتظاميا باني پي ٽي آءِ عمران خان لاءِ ڪي خاص قدم کڻي، آمريڪا پنهنجي مفادن بنا ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندو، خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت تائين حڪومت سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي اعتماد کان بغير ڳالهين وارا معاملا اڳتي نٿا وڌي سگهن ۽ حڪومت کي اعتماد بحال ڪرڻ وارا قدم کڻڻ گهرجن.