لڪي مروت  (م ڊ) لڪي مروت ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا آهن. ان ڏس ۾ آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ فورسز آپريشن ڪيو آهي. سميوواڊا م انٽيليجس بيسڊ آپريشن دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، هڪ کي گرفتار ڪيو ويو. دهشتگرد فورسز تي حملن ۽ شهرين جي قتل ۾ ملث هئا. دهشتگردن وٽان گوليون، بارود ۽ ٻيو اسلحو هٿ آيو آهي. مقامي ماڻهن آپريشن جي حمايت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فورسز جو سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.  آءِ ايس ڇي آر موجب آپريشن  19 ۽ 20 آڪٽوبر  جي وچ واري رات ڪيو ويو. ان دوران دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فارنگ جي ڏي وٺ ٿي.