لڪي مروت(م ڊ) لڪي مروت ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب دهشتگرد شهرين ۽ سڪيورٽي اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث هئا. آءِ جي ڪي پي ذوالفقار حميد ڪامياب آپريشن تي مبارڪون ڏيندي چيو ته دهشتگردن خلاف سي ٽي ڊي ڀرپور ڪارروايون ڪري رهي آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حقانيه اڪوڙه خٽڪ مدرسي ۽ بنون ڪينٽ تي حملن ۾ ملوث نيٽ ورڪ جو پتو لڳائي ورتو آهي. ٻنهي ڪيسن ۾ اهم شاهد ملي ويا آهن، ٻنهي واقعن بابت ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، وڌيڪ گرفتارين کانپوءِ تفصيل جاري ڪيا ويندا.