لڪي مروت (م ڊ) فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خيبر پختونخوا جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي ڪبل خيل ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي اٽامڪ انرجي ڪميشن جي 16 ملازمن کي ڊرائيور سميت  اغوا ڪري ورتو. فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڪبل خيل ۾ ڀتي لاءِ 17 ماڻهن کي اغوا ڪيو، اغوا ڪيل ورڪر هٿين خالي هئا، جڏهن ته دهشتگردن مقامي ٺيڪيدار جي گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 8 مغوي ورڪرن کي حفاظت سان آزاد ڪرائي ورتو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ٻين ورڪرن کي به آزاد ڪرايو ويندو، ان حوالي سان آپريشن جاري آهي.