لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ جي ڳوٺ بوجا ناپر ۾ مسجد ڇت تي چڙهي ڪبوتر لاهڻ دوران بجليءَ جي 11 هزار وولٽيج جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان انيس احمد پٽ منظور احمد دايو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ڪري نوجوان جو لاش تارون مان لاهي گهر منتقل ڪيو.