لکي غلام شاھ(ن پ ا) لکي ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت آڪسيجن نه ملڻ سبب فوت. ان سلسلي ۾لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد چنڊ ڳوٺ وٽ سکر کان موٽرسائيڪل تي جھٽ پٽ ويندڙن کي تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار سڪندر انڙ سندس زال مسمات عذرا انڙ سخت زخمي ٿي پيا جن کي رستي ويندڙن کڻائي سول اسپتال لکي غلام شاھ منتقل ڪيو جتي اسپتال اندر آڪسيجن نه ملڻ ڪري عورت تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو سکر جي نيو پنڊ واري علائقي ۾ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٽرالر ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو ٻي طرف فوت ٿيل عورت جي مڙس سڪندر انڙ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي گهر واري لکي غلام شاھ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آهي اگر بروقت فرسٽيٽ آڪسيجن ڏني وڃي ها ته گهر واري جي حياتي بچي پيو ها هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسپتال جي ايم ايس ۽ ڊيوٽي تي موجود عملي خلاف خون جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايم ايس ڊاڪٽر خادم ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسپتال ۾ آڪسيجن موجود هئي سلينڊر چينج ڪرڻ دوران عورت فوت ٿي وئي آهي تمام سيريس حالت ۾ اسپتال آندو ويو. جڏهن ته لکي غلام شاھ پوليس ٽرالر ۽ ڊرائيور کي هٿ ناهي ڪري سگهي، حادثي جو ڪيس داخل نٿي سگهيو.