لکي غلام شاهه(ن پ ا) لکي غلام شاهه واسي نوجوان حمزه ولد محمد اسلم ميمڻ سان ٽن جوابدارن توقير ميمڻ، آصف علي ميمڻ ۽ محسن علي ميمڻ مبينا طور بدفعلي ڪري وڊيو ڀري کيس بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نوجوان جي والد محمد اسلم ميمڻ جي فرياد تي اين سي داخل ڪري لکي غلام شاهه پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته جوابدار نوجوان سان بدفعلي جي وڊيو ڀري وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي روڪ رقم موبائيل فون پڻ وٺي ويا آهن. بدفعلي جو شڪار بڻيل نوجوان جي پيءُ محمد اسلم ميمڻ ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته هنن سان ظلم ڪيو ويو آهي ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون مان اميد آهي ته انصاف ڏياريندو اسان علائقي جي اميرن اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر کي پڻ شڪايت ڪئي آهي هاڻي قانوني ڪارروائي ڪنداسين هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي لکي غلام شاهه پوليس پاران واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.