لکي غلام شاهه (ن پ ا) رستم لڳ پوليس اهلڪار ۽ ٻين کان موٽرسائيڪل ڦر ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري مامري ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ڊگو ڪمالاڻي تي پوليس چڙهائي ڪئي ته هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد هٿياربند گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ڳوٺاڻن الزام هنيو آھي ته  پوليس سڌي فائرنگ ڪري هڪ عورت مسمات مٺڻ زال شھزور ڪمالاڻي کي زخمي ڪيو آھي، پوليس واقعي جو ڪيس داخل نٿي ڪري. ٻئي طرف ايس ايڇ او رستم جو چوڻ آھي ته پوليس جي فائرنگ ۾ ڪا به عورت زخمي نه ٿي آھي.