لکي غلام شاهه(رپورٽ: فهيم حيدر منگي) لکي غلام شاهه ٿاڻي جي حد سکر شڪارپور روڊ جهان خان اسٽاپ ضمير سي اين جي ھوٽل تي ويٺل نوجوان واپاري غلام شبير پٽ صحافي استاد غلام رسول ڪرسي جتوئي کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي وارثن ۽ پوليس پهچي لاش هٿ ڪري لکي غلام شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، مقتول نوجوان جو لاش ڳوٺ عبدالمجيد ڪرسي جتوئي پهچڻ تي گهر اندر ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، واقعو مهر جتوئي ڇڪتاڻ تان قتل ٿيل عبدالجبار مهر جي پلاند ۾ پيش اچڻ جا علائقي ۾ چوٻول آهن، مهر – جتوئي جهيڙي جو ڪجهه مهينا اڳ سردار علي گوهر خان مھر جي سرپئنچي ۾ سرڪٽ ھائوس سکر ۾ نبيرو پڻ ڪيو ويو هو، مقتول جي ڀاءُ غلام سرور ڪرسي جتوئي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ دودو ڳوٺ ۾ مال پڙي تان ڍور وٺڻ ويو هو جنهن کي واپسي رستي سي اين جي هوٽل تي هٿياربندن فائرنگ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو آھي، اهوڏانهن ايس ايچ او لکي غلام شاھه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته آخري اطلاٿن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه جوابدار گرفتار ٿي سگهيا.