لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه لڳ سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڪلٽي ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي سان موٽر سائيڪل جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ سلمان شيخ واسي 10 ورھين جو عبدالحئي شيخ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 12 ورهين جو سندس ڀاءُ مير حسن شيخ، امڙ مسمات زبيده ۽ پيءُ افغان علي شيخ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي لکي غلام شاهه اسپتال آندو ويو، جتان افغان شيخ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.