ڀوپال(انٽريسٽنگ نيوز) سائي ڀاڄي وڪڻڻ لاءِ 44 لک ڀارتي رپين کان وڌيڪ ماليت جي لگزري اوڊي گاڏي ۾ ايندڙ هاري جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. ڀارت جي ڪيرالا رياست سان واسطو رکندڙ هاري وٽ لگزري اوڊي اي 4 گاڏي آهي جنهن جي قيمت 44 لک رپين کان وڌيڪ آهي. هو پنهنجي مهانگي گاڏي ۾ بازار ايندو آهي ۽ پنهنجون ڀاڄيون وڪڻي واپس ان ئي گاڏي ۾ روانو ٿي ويندو آهي. هن اها وڊيو انسٽا گرام تي به شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن جو اڪائونٽ ورائٽي فارمر جي نالي سان ٺهيل آهي. وڊيو ۾ هن کي ٻني مان پالڪ لڻندي ڏسي سگهجي ٿو ۽ پوءِ اڇي رنگ جي اوڊي اي 4 ۾ ويهي هڪ روڊ جي ڪناري تي ڪپڙو وڇائي پالڪ وڪڻندي ڏيکاريو ويو آهي.