لاهور (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي جو چيمپيئنز ٽرافي جو تجويز ڪيل شيڊيول سامهون اچڻ تي چيو آهي ته ڪو به ڪم بنا لکت جي ناهيون ڪندا.لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم جي دوري دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته لکت کانسواءِ ڪو به ڪم ناهيون ڪندا، جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڳالهين تان ڦريو ته ان کي ڏسي وٺنداسين. چيمپينز ٽرافي جو شيڊيول طئي ٿيڻ بابت سوال تي پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته بس ٿورو صبر ڪريو سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملڻ بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته في الحال معاملا شروعاتي مرحلي ۾ آهن، تمام جلد سڀ شيون سامهون هونديون.هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو، ٽورنامينٽ جي حوالي جيڪو فيصلو ٿيندو پاڪستان لاءِ بهتر هوندو.