لٽيل قافلي جو آخري مسافر ۽ اتساهه وارو دور

0
48

ان ڏينهن لاڙڪاڻي جي چٽ واري ڇتي گرميءِ ۾ شام جو ڪيڏانهن نڪتو پئي ويس ته اوچتو ڀائو درمحد جي فون ڪال آئي. جيڪا مون تڪڙ ۾ اٽينڊ ڪئي ته ڀائو ميارون ڏيڻ ۾ شروع ٿي ويو ابا وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين الائي ڇا جو ڪتاب کنيون وتان ٿو، ٻن مهينن کان توکي ڳوليندو ٿو  وتان، تون آهين جو  ملين ئي  نٿو. يڪساهي ايتريون ميارون ڏيڻ بعد پڇيائين هن مهل ڀلا آهين ڪٿي ؟ سندس ميارون اکين تي رکي چيم ڀائو لاڙڪاڻي آهيان چانڊڪا پل پيو ڪراس ڪيان ته ڀائو هڪدم حڪم ڪيو ته اتي ئي بيهه مان به  اتي ئي ٿو اچان .ٿوري دير ۾ ڀائو پنهنجي نوجوان پٽ ۽ پنهنجي ٻن ڪتابن سميت اچي نڪتو.ڪتابن جو تحفو ڏيڻ کان اڳ هڪ دعوت نامو ڏيندي چيائين يار ڊاڪتر نذير شيخ جي ياد ۾ پروگرام پيو ڪرايان پر اچڻو ضرور اٿئي. مون اهو دعوت نامو پڙهيو ۽ تڪڙ ۾ ها ڪئي. اهو دعوتنامو سندس نئين تنظيم اجرڪ سنڌ ۽ ڊاڪٽر نذير شيخ جي ڀائرن ڀينرن پاران ڇپرايل هو. مونکي اها ڳالهه دعوت نامو ڏسڻ  مهل ئي ذهن ۾ آئي جيڪا ڳالهه ڪجهه ڏينهن بعد ٿيل پروگرام ۾ سينئر سياسي سماجي ورڪر پنهل سارئي ڪئي. پنهل اسٽيج تان بيهي چيو ته اسان جڏهن جواني واري جوش ۾ ڪنهن به سياسي تنظيم جو حصو هوندا آهيون ته تنظيم جو ورثو هوندا آهيون پر بدقسمتي سان جڏهن جيل يا اذيت گهرن يا موت جي صورت ۾ اسان جي مالڪي ڪرڻ صرف رت جي  رشتيدارن ۽ ذاتي دوستن جي ذميواري بڻجي ويندي آهي. مونکي پنهل جا لفظ ٻڌي اهي سٽون ياد اچي ويون ته سياسي ڪارڪن سياري جي مند جون اهي سڪل ڪاٺيون هوندا آهن جن کي ساڙي اڳواڻ پنهنجا هٿ سيڪيندا آهن. پر هاڻ ان ذڪر ۾ پونداسين ته اهو بحث ئي  هڪ الڳ مڪالمي جو گهرجائو ٿي ويندو، تنهن ڪري پاڻ هلون ٿا پنهنجي دوست جي ياد طرف جنهن کي ڀائو درمحمد ٻرڙي ڪنهن بهاني ياد ضرور ڪيو. منهنجي دل نٿي چوي ته ڪو  ڊاڪٽر نذير شيخ کي مرحوم لکان ڇو ته ٻارڙن جهڙي شرارت ڪري  زنده دلي سان ٽهڪ ڏيندڙ ماڻهو کي مرحوم ڪيئن ٿو سڏي سگهجي. ڊاڪٽر نذير شيخ ستر ۽  اسي واري زماني جي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي ان مالها جو يا  موتين واري هار جو حصو هو جنهن سنڌ ۾ نئين سياسي سجاڳي پيدا ڪئي ۽ روشن خيال سياست متعارف ڪرائي.ان دور جي نهايت ذهين ۽ قابل نوجوانن  سنڌ جي بهتر مستقبل جا خواب ڏٺا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان خاطر رات جي راڪاسن سان مهاڏو اٽڪائيندي ڪيترائي عذاب پڻ سٺا. سنڌ جي اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي جو جنهن قمبر شهر جو ستر اسي ۾ تعارف ڊاڪٽر نذير شيخ ۽ زاهده شيخ جي روشن خيال سياست  هو ان قمبر جو هاڻي هڪ دقيانوسي، رجعت پرستي ۽ جاگيرداراڻو تعارف وڃي بچيو آهي. انهن ڏهاڪن ۽ سالن دوران سنڌ  سياسي طور ايئن تبديل ٿي آهي جيئن ڪا نئين نويلي ڪنوار بنهه اوچتو بيواهه ٿي وڃي .ڊاڪٽر نذير ۽ ان دور جا سمورا سياسي ڪارڪن، ڀلي ته اهي الڳ الڳ پارٽين ۾ هئا پر سندن خواب هڪ ئي هيو ته، پنهنجو  ڳاڙهو جهنڊو ساٿي ،اڀ تائين جهوليندو ، اهڙو ڏينهن به ايندو. اهي اهڙا ڏينهن هئا جڏهن سنڌ جي سياست اڃان ايتري آلوده نه ٿي هئي نه ئي اهي ڪارڪن هاڻوڪي ڪرپٽ سياسي ڪلچر جو حصو هئا. اهي ته اهڙا ڪميٽيڊ ڪارڪن هئا جو سکين ستابن گهرن جا هوندي، ڊاڪٽر انجنيئري جهڙن ڪاليجن ۾ پڙهندي به هو هارين ۽ پورهيتن سان سندن ڳوٺن ۽ ملن يا ڪارخانن  ۾ وڃي ڪچهريون ڪندا هئا ۽ پلال جي ڍير  تي سمهي به صبح ڪندا هئا کين ڪا وڏائي ڪو اوچ نيچ جو فرق محسوس ڪرڻ نه ڏيندا هئا. ان زماني جي سياسي ڪارڪنن جي هڪ سٺي عادت بهترين ڪتابن جو مطالعو پڻ هوندي هئي ۽ انهن ۾ سٺي  شاعري به روح ڦوڪيندي هئي.ڊاڪٽر نذير شيخ وري انهن گيتن کي جڏهن جهونگاريندو هيو ته ڪچهري جو مور ٿي پوندو هو ۽ ڇا ته ظالم  جهونگاريندو هو. هو جڏهن “روح کي ول جيان وڪوڙيو ٿئي” ڳائيندو هيو يا “هڪ مند چري آهي ٻي جا رات ٺري آهي” جهڙا مقبول گيت جهونگاريندو هو ته ڪچهري جي سموري ماحول کي پنهنجي سحر ۾ آڻي ڇڏيندو هو. سنڌ اندر  ان سياي سجاڳي واري سفر ۾ ڊاڪٽر نذير شيخ جهڙا ڪيترائي ڪارڪن سرگرم هئا جيڪي بعد ۾ گمنامي جي ڪنهن اونهي پاتال ۾ هليا ويا ڪن وڃي  خودڪشيون ڪيون ته ڪن کي فالج جا حملا ٿي پيا ڇو ته جنهن ڳاڙهي انقلاب جو خواب کڻي هو نڪتا هئا سو سندن سموري سچائي سان ڀريل جدوجهد جي باوجود ڪجهه ماڻهن جي تاريخي غلطين سبب ساڀيان ٿيندي نظر نه پيو اچي.ان دور ۾ اهڙن سچار سياسي ڪارڪنن مٿان اهڙي ته ڪا ڇپ ڪري پئي هئي  جو هر ڪنهن وڃي پنهنجي پنهنجي ڪنڊ وسائي پر ڊاڪٽر نذير شيخ جهڙا تمام ٿورا ماڻهو هئا جن مايوسين جي اداس راتين ۾ به روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي ساٿين کي بچائيندا آيا. ڊاڪٽر نذير شايد متحرڪ رهڻ ئي سکيو هو ، تنهن ڪري عوامي تحريڪ نه سهي پيپلزپارٽي ئي سهي پر هو متحرڪ رهندو آيو.سندس هڪ خوبي اها به هوندي هئي ته هو ڪڏهن به  لڪير جو فقير ٿي صرف هڪ دائري جي گرد نه ڦرندو هو. هو جيڪڏهن هڪ رات ڪنهن سياسي قيادت واري ڪچهري ۾ هوندو هيو ته ٻي رات هو منهنجي علمدار چوڪ واري فليٽ تي حسن درس سان گڏ  ويٺو هوندو  هيو ۽ ڪو نه ڪو گيت پيو جهونگاريندو هو. سندس ڪچهرين ۾ اهڙو ته چس هو جو ساڻس ڪچهري ڪندڙ هر طبقي جي ماڻهن کي سندس موت تي مون افسوس ڪندي ٻڌو ته  يار هو ته اوطاقي مڙس هيو ڪچهرين جو ڪوڏيو.

جڏهن ڪر ٿيام ساڃاهه سپرين جي،

تڏهن ڪر تر جيترو ويل نه وسريام ،

 اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري. اهڙي متحرڪ ماڻهو کي موت مشڪل سان شڪست ڏئي سگهندو آهي. لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل ان پروگرام جي صدارت سندس تصوير کان ڪرائي وئي.جيڪا خود ڪنهن رڌم ۾ ڳالهائي رهي هئي .ڊاڪٽر نذير شيخ جي باري ۾ ڪافي دوستن ڳالهايو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ايئن لڳو ته ڊاڪٽر سڀني سان هڪ جيترو حجائتو ۽ سڀني کي هڪ جيترو پيارو هو. سندس مزاج ۾ سنڌ جي رواداري واري ريت ايتري پختي هئي جو ماضي ۾ سندس سياسي مخالف رهندڙ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي به اچي پهتو ۽ هن اهو ذڪر پنهنجي سر پاڻ ڪيو ته اسان ماضي ۾ هڪٻئي جا ڪٽر سياسي مخالف هئاسين ۽ ڊاڪٽر نذير وارن کي ڪاليجن ۾ يونٽ کولڻ نه ڏيندا هئاسين هڪٻئي جا مٿا ڦاڙيندا هئاسين  پر بعد ۾ ايئن گڏجي وياسين جيئن “مڌ پيئندي مون ساجن سهي سڃاتو”. ڊاڪٽر نذير شيخ کي ياد ڪرڻ مهل سنڌ جي سياسي تحرڪ وارو اهو سمورو زمانو ياد اچي وڃي ٿو جڏهن ڊيمن خلاف تحريڪون هلنديون هيون، لانگ مارچ ٿيندا هئا ۽ هر طرف سجاڳي سجاڳي وارا نعرا هوندا هئا.پر سياسي حالتن اهڙو ته ڪو ڦيرو کاڌو جو روشن خيال سياسي ڪارڪنن جي اها مالها، اهو موتين جو هار اهڙو ٽٽو جو ڪو هيرو ڪٿي ڪريو ته  ڪو ڪٿي ڪريو.

ڪڻا منجهه قرار هئا هيڪاندا سنگ ۾ ،

ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا ڌارئون ڌار،

نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سين….