ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته لٺين يا ڳالهين سان، ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻو آهي ته جيئن رياست هلي سگهي، جيڪا پارٽي سياسي ۽ جمهوري نه هوندي، اُها ڪيئن اُميد رکي سگهي ٿي ته جهموري جواب ملندو، ٻڌو آهي حڪومت پي ٽي آءِ تي بندش ۽ گورنر راڄ جو سوچي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي ٻئي آپشن نٿا وڻن، حڪومت اسان کان ناهي پڇيو، پر باضابطا رابطو ٿيو ته ڪوشش ڪنداسين اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي وڊيو لنڪ وسيلي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ پارٽي چوي ٿي سياسي پارٽين سان نه، پر اسٽيبلشمينٽ ۽ غيرسياسي ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي، اُن سان اپوزيشن ۽ ملڪ کي نقصان ٿيندو، غيرسياسي ۽ غيرجمهوري اپوزيشن ڪندڙن کي اپيل ڪريان ٿو ته سياسي ڪردار ادا ڪريو، هن چيو ته 9 مئي ۽ اسلام آباد جهڙا واقعا سياسي دائري ۾ نٿا اچن، سڀ کان پهرين اسان سياستدانن کي سياسي دائري ۾ اچڻو پوندو، ملڪ ۾ سڀ کان اهم مسئلو سياسي استحڪام جو آهي، سياسي استحڪام نه هجڻ سبب جهموري نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي. بلاول چيو ته پاراچنار ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان شهرين جو رت وهي رهيو آهي، امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت جي آهي، وزيراعليٰ پارا چنارا ۾ تحفظ ڏيارڻ بدران وفاق تي گوليون هلائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، پارا چنار ۾ 100 کان وڌيڪ لاش آهن ۽ هي اسلام آباد ۾ 100 لاش ڳولي رهيا آهن هنن جو صرف هڪ ئي ڪم آهي ته پنهنجي ليڊر کي جيل مان ڪڍڻو آهي ۽ ڪيس ختم ڪرڻا آهن.جيڪڏهن پنهنجي باني کي جيل مان ڪڍڻو آهي ته صوبائي حڪومت ڇڏي ان ڪم تي لڳي وڃو، لشڪر ٺاهي حملو ڪرڻ جو حق ناهي، پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي، پ پ چيئرمين چيو ته افسوس آهي ته ان اشور تي به سياست ڪئي پئي وڃي، اسان ماضي ۾ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، شڪست ڏني، ڪي پي حڪومت امن قائم ڪري، ضرورت پوي ته وفاق کان مدد وٺي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي غير ذميوار حڪومت ناهي ڏٺي، پ پ جو موقف آهي ته دهشتگردي خلاف نئون پلان آندو وڃي، نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي، ڊولپمينٽ جو منصوبو به ضروري آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خدشو آهي ته حڪومت جون اهڙيون پاليسيون آهن جنهن سان زراعت کي فائدو ٿيڻ بجاءِ هارين جو معاشي قتل ٿيندو، وفاق کي اپيل آهي ته صوبائي حڪومتن جي ڳالهه ٻڌي، حڪومت سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت ان فيصلي تي اٽل رهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مسئلي ۾ اضافو ٿيندو، ملڪ جي معيشت ۽ زراعت تي به خراب اثر پوندو، زور زبردستي وارن فيصلن تي پ پ ساٿ نه ڏيندي، اميد آهي ته ڳالهين ۽ ڪاميٽي ذريعي مسئلا حل ڪندا.