لُڙهي ويل سنڌ ۽ عوام !

0
49
لُڙهي-ويل-سنڌ-۽-عوام

مينهن کي تاريخ ۾ جيترو سنڌي ماڻهن ملهايو آهي ۽ اِنجواءِ ڪيو آهي، جيترو چاهيو آهي، جيترو اُنهي تي لکيو آهي، ڳالهايو آهي، ان بابت جيترا پهاڪا سنڌي ٻولي ۾ آهن، جيتري معياري شاعري مينهن جي باري ۾ سنڌي ادب ۾ آهي، منهنجي ننڍڙي ڄاڻ موجب ايترو مواد ٻي ڪنهن قوم وٽ شايد ڪٿي هجي! لطيف، سچل، اياز، بخاري، سرويچ، بيوس، گدائي، منشي، امداد ۽ ٻين شاعرن جو مِينهَن هڪ لازمي موضوع رهيو آهي!  انهي موضوع تي مٿين شاعرن انتهائي شاندار لکيو آهي. نثر ۾ پڻ سنڌ جي اديبن مينهن تي ڏاڍو ڀلو لکيو آهي. عام ماڻهو به مينهن جو عاشق رهيو آهي.  شاعرن پنهنجي شاعري ۾ مينهن کي محبوب ۽ يار ڪري سڏيو آهي. سنڌ جي فنڪارن برسات ، آڙنگ ۽ آگم واري شاعري بي حد خوبصورت نموني ڪَمپوز ڪئي آهي ۽ ڳائي آهي!   هتي اسان جي انهن ڏڪارن جي ماريل صحرائن ۽ سوڪهڙي وارن مٽياڇن خطن ۾ صحيح منصوبانبدي نه ھجڻ ڪري اها رحمت واري برسات هتي جي وڏين انويسٽرس، خطي جي حاڪم طبقن پاران زحمت ۾ تبديل ڪرڻ هڪ مشڪري آهي، گيم آهي! سادي ڳالھه آھي ته پاڻي جي وھڪرن کي جيڏانھن ڪٽ ڏين انھي پاسي ٻوڏ! اچو ته انھي کي ٿورو سمجھون!

پاڻي جو هڪ  فطرت ۾ ڦيرو آهي، جنهن مطابق پاڻي ٻاڦ جي شڪل ۾ مٿي وڃي ٿو، بادل ٺهن ٿا، وري بادل مينهن جي شڪل ۾ وسن ٿا، وري اهو پاڻي دريائن جي شڪل ۾ وڃي سمونڊن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. انتهائي ٿڌن علائقن ۾ وري پاڻي ڄمي ٿو گليشيئر ٺهن ٿا، وري گرمي وڌڻ سان اهي گليشيئر ڳرن ٿا، اهو پاڻي به قدرتي پاڻي جي لنگهن ( سڄِي سال بنا برسات جي هلندڙ دريائُن) ذريعي سمنڊن ۾ وڃي ٿو. هن ڌرتي جي جيڪا عمر آهي انهي ۾ ڪي اهڙا دور آيا جن ۾ ڌرتي سڄي پاڻي سان ڍڪيل رهي آهي! وري ڪروڙين سال پوءِ خُشڪي ظاهر ٿي. جيڪي خُشڪي وارا علائقا مٿي آهن، انهن تان پاڻي وهي هيٺائين ڏانهن ويندو اها پاڻي جي خاصيت آهي. انهي پاڻي جي هيٺائين ڏانهن وڃڻ واري جيڪا واٽ آهي انهي ۾ جڏهن به انسان بند ٻڌا آهن ته دريائن، ندين، ڍورن ۽ واهن پنهنجو زور لڳايو آهي! جيڪا انهن جي فطري خاصيت آهي. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جتي پنهنجي انجنيئرنگ کي استعمال ڪري دريائن کي متبادل رستو ڏنو آهي ۽ ٻڌل هٿرادو بند مضبوط آهن ته پوءِ اتي ته ٺيڪ آ، ايڏو نقصان نٿو ٿئي! پر اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي هر ڪم ۾ جڳاڙ ٿئي ٿو، ترقياتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ڪاغذن ۾ ٻيو ۽ عملي ميدان ۾ ڪمزور، هلڪو، سستو ۽ بيڪار استعمال ٿئي ٿو اتي درياءَ پنهنجي رستي ۾ ٻڌل بندن کي لوڙهيو وڃن  ٿا! هتي اسان وٽ ته بلڪل درياءَ جي پيٽ ۾ بنگلا ٺاهي، فارم هائوس ٺاهي، واري جا بند ٻڌي قبضا ڪري ويٺا آهن! ٻنيون آباد ڪري ڇڏيون اٿن! تنهن ڪري وري  ڪڏهن ڪڏهن اُنهي مينهن جي سراسري سالياني آمد کان ٿورڙي وڌيڪ لهر اچي ٿي ته انهي پاڻي جي اهم گذر تي قبضا هجڻ ڪري ٻوڏون پڻ خطرناڪ شڪل اختيار ڪنديون آهن.  ٻوڏن کان هن تاريخي ۽ مينهن جي عاشق وطن سوڪهڙا ۽ ڏڪار وڌيڪ ڏٺا آهن! تقريبن برساتي پاڻي پنهنجا قدرتي لنگهه وٺي گذري ويندو رهيو آهي. سڄي صدي ۾ ڪجهه  اهڙا واقعا ٿيا هوندا جن عوام کي ايڏي وڏي تباهي جي منهن ۾ وڌو هوندو!

 پاڪستان  ٺهڻ کانپوءِ خاص طور تي سنڌ جي زمينن تي، هن ملڪ جي مهارُن جي مالڪن يعني مُلڪي اُپت جو سڀ کان وڌيڪ حصو پتي کائيندڙ ڌُرين، سنڌ جي جاگيردار حڪمرانن، ٻاهران آيل قابض گروهن توڙي ٻين پروفيشنل لينڊگريبرس هر قسم جي ڪمائي ڏيندڙ  قيمتي وسيلن، جيئن زمينن، بندرگاهن، وڏن صنعتي مرڪزن يعني شهرن، شاهراهن توڙي پاڻي جي قدرتي وهڪرن وارين زرخيز زمينن تي ملي ڀڳت ڪري قبضا ڪندا پئي آيا آهن! سنڌ جو وڏيرو جيڪو ڏهاڪن کان ڪنهن نه ڪنهن نموني سان اقتدار جو حصو رهيو آهي، تنهن ڪرسي عيوض سدائين ڳرا وطن دشمن شرط قبول ڪيا آهن!  اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سنڌ جا بي پناهه قيمتي وسيلا وڪيا آهن. جن جو رڪارڊ هاڻي ڪنهن کان به ڳجهو ناهي! انهن وڏيرن پنهنجي اقتداري ساٿارين سان گڏجي سنڌ درياءَ، هاڪڙي درياءَ، پراڻ، ڏونگري ۽ ٻيون ننڍين ندين، ڍورن، واهن ۽ قدرتي وهڪرن جي پيٽن ۾ قبضا ڪيا آهن. نتيجي طور انهن قبضن کان پهرين  ويهين صدي وارين ٻوڏن ۾ آيل نقصانن کان هينئر وارن ٻوڏن ۾ وڌيڪ نقصان ٿين پيا!

2010ع، 2011ع ۽ ع2020ع وارين ٻوڏن جي تباهي جا منظر اسان جي حڪمرانن جي اک کولڻ لاءِ ڪافي آهن! جڏهن 2011ع واري ٻوڏ آئي ۽ سنڌ جو عوام تقريبن پنهنجي جمع پونجي کان هٿ ڌوئي ويٺو هو، زمينون تباهه ٿي ويون هيون، فصل سڀ لُڙهي ويا هئا، هزارين ماڻهو ٻُڏي مري ويا ڪي بيمارين ۾ تڙپي مري ويا! تڏهن جيڪي عالمي ادارن، هتي جي سرڪاري ادارن، غير سرڪاري ادارن، توڙي ٻين ماهرن ۽ محققن انهي مسئلي جا حل ٻڌايا اهي عوام جي اڳيان پڌرا ڇو نه ڪيا ويا؟ انهن تجويزن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ جيڪي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ڏانهن آيا، سنڌي ماڻهن جي ئي حڪومت ۾ ڪراچي ۾ انهن ماڻهن جي آبادي تي  فائرنگ ڇو ٿي؟ انهن ماڻهن کي واپس پنهنجي ٻڏل ۽ هيٺائين وارن علائقن ڏي واپس وڃڻ لاءِ مجبور ڇو ڪيو ويو؟ انهن پاڻي جي قدرتي لنگهن تي ويٺل ماڻهن کي اٿاري ٻئي ڪنهن هنڌ سيٽل ڇو  ڪونه ڪيو ويو؟ اڃان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه ته اها آهي انهن  ڏهن سالن ۾ وڌيڪ قبضا ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ فارم هائوس ٺاهڻ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي ڇُوٽ ڏني وئي آهي! جنهن جي نتيجي ۾ سراسري 300 م.م کان 500 م.م جي برسات جي ڪري مٿان کان ايندڙ پاڻي هتي منجهندو منجهندو ڪيترائي ضلعا ٻوڙي، شهرن جا شهر تباهه ڪري، ڳوٺاڻين وسندين جا ته نشان ئي مٽائي وڃي درياءَ سان مليو آهي!

 سنڌ جو عوام بي يارومددگار روڊن تي رات جي 11 وڳي ٻچا وات م وجهي روئيندو رهيو! انهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪٿي به ڪا مناسب ريسڪيو لاءِ  آمدرفت جو بندوبست نه ڪيو ويو! مئي جي مهيني ۾ ئي سنڌ جي سوين موسميات ۽ مون سون ۽ واٽر سائيڪل جي شاگردن ۽ دنيا جي اڪيچار موسميات تي ڪم ڪندڙ ويب سائيٽن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته هن واري اڳ جي ڀيٽ ۾ برساتون وڌيڪ پونديون ۽ ٻوڏ واري صورتحال جُڙي سگهي ٿي! پر اسان جي حڪمرانن ڪا به اهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جي رٿابندي نه ڪئي! ڪجهه اسيمبلي ميمبرن کي فوڪل پرسنس چونڊيو ويو جيڪي پهرين ته غائب هئا پر جڏهن سندن ئي ٻنيون، اوطاقون، بنگلا، فارم هائوس ٻڏڻ لڳا تڏهن انهن کي ئي بچائڻ جي لاءِ مرضي مطابق ڪٽ لڳائڻ ۽ پاڻي جي ريلن کي پنهنجي رموٽ ڪنٽرول تي هلائڻ ۾ پورا هئا، ٻيا وري پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ پورا آهن، تن جي جهيڙن جا چرچا جڳ جهان کان لڪل ناهن! نيٺ ڇا ٿيو؟ سنڌ جي رعيت نڌڻڪي ٿي روڊن جي ڪنارن تي پنڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. وڏيرن جا ڇاڙتا روز سوين هٿرادو ٻوڏمتاثر نياڻين کي هراسان ڪن ٿا جن جا ڪيترائي ڪيس ته ٿاڻن تي رپورٽ ٿيا آهن! ٻاهرين ملڪن، ادارن، ۽ مخير ماڻهن پاران اربين ڊالر مليا آهن، جيڪي اسان جي رعيت وٽ نظر نٿا اچن! انهن سڀني پئسن جي مٿان اهڙا ماڻهو مقرر آهن جن تي ڪنهن کي اعتبار ناهي! ايل بي او ڊي جي رٿا تي ڪم شروع ٿيڻ وقت سنڌ جي ساڃاهه وندن شديد مخالفت ڪئي هئي پر اربين روپيا بچائڻ لاءِ رٿا کي مڪمل ڪيو ويو جيڪا پڻ سنڌ جي ٻوڏ جي هڪ وڏو سبب بڻي. ڪيترن ئي هفتن کان زيرو پوائنٽ تي ڪٽ هڻڻ لاءِ 5 ضلعن جا ماڻهو مطالبو ڪن پيا، سوين ماڻهو ٻڏي ويا آهن پر اهو ڪٽ نٿا هڻن! هن وقت ماڻهن جي صورتحال ڳنڀير آهي! ڪيترين ئي وچڙندڙ بيمارين منهن ڪڍيا آهن. هن وقت وري هن سانوڻي جو آخري سلسلو هلي رهيو آهي، ماڻهو اهڙي عذاب گرمي ۽ غضب جي آڙنگ،سينواريل  سائي ڪني پاڻي جي ڪنارن تي، ڊينگي، مليريا، ڪالرا ۽ ڊائريا سان جهيڙي رهيا آهن! جڏهن ته حڪومت پنهنجي رعيت   کي ريسڪيو ڪرڻ، هر مجبور ۽ ضرورتمند کي تنبو جي شڪل ۾ شيلٽر ڏيڻ ۽ وقت سر دوا درمل پهچائڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. في الحال ته پاڻي جا وهڪرا سمنڊ تائين پهچايا وڃن،  ٻوڏ متاثرن کي جلد کان جلد  تنبو ڏيئي، ڪيمپن ۾ کاڌو، صاف پاڻي، ۽ دوائون ڏنيون وڃن. پاڻي گذري وڃڻ کان پوءِ اڳتي انهن کي مناسب مٿانهين پٽن تي ننڍا ننڍا شهر اڏي، پاڻي جي وهڪرن کان پاسي تي ويهارڻ جا جديد منصوبا جوڙيا وڃن. انهي تاريخي ڪم ۾ عالمي سطح جي انجنيئرن کان مدد ورتي وڃي!