لُوڻاٺجندڙ ڏيھَ ۾ مِٺي پاڻي جي سار- (حصو ٻيون) … سنڌوءَ تي بيٺڪيتي يلغار … ليکڪ: ذوهيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي هالو

0
16
لُوڻاٺجندڙ ڏيھَ ۾ مِٺي پاڻي جي سار- (حصو ٻيون) ... سنڌوءَ تي بيٺڪيتي يلغار ... ليکڪ: ذوهيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي هالو

ڪنھن زماني ۾ سنڌو ڊيلٽا جي علائقي ۾ ڪافي اُسريل صنعت موجود هئي. جيئن سنڌ جي مھا ڪوي شاھ عبداللطيف ڀٽائي 1740ع واري ڏهاڪي ۾ هن علائقي جي دوري دوران ڏٺو. ھُن ھتان جي ماڻھن ۽ علائقي جي خوشحالي ڏسي چيو:

کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا،

سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِھائُو،

موتِي جي مَھراڻَ جا، تِن جا طامائُو،

سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.

                 ان کان علاوه، اڻويهين صديءَ جا ڪيترائي بيٺڪيتي ليک ۽ احوال پڻ سنڌو ڊيلٽا جي خوشحالي بيان ڪن ٿا. 1800ع جي شروعات ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سياسي دلال جيمس ميڪ مرڊو، سنڌوءَ جي پوک ڪيل زمينن ۽ ان جي فصلن کي “ڪنھن به آسائش کان بالاتر” قرار ڏنو. ڪمپني جي آفيسرن ۽ شاھي دلالن جي اهڙين لکڻين ۽ احوالن سنڌ ۾ بيٺڪيتي منصوبي کي قائم ڪرڻ لاءِ دليل طور جواز ڏنو. سنڌ ديس ۾ نقشي سازي ذريعي حدبندي ۽ نگراني جو منصوبو سموري برطانوي راڄ پاران مختلف خطن ۾ قائم ڪيل بيٺڪيتي سرشتن مان سڀ کان وڏو منصوبو هو. ڏکڻ ايشيا جو معروف تاريخدان منان احمد آصف لکي ٿو ته، “برطانوي سامراج ڄاڻ جي ھڪ اھڙي معيشت پيدا ڪئي، جنهن کي هندستان جي مختلف خِطن جي ماڻهن، سندن زمينن ۽ سندن قديم تاريخ کي ڪومائي، مونجھائي، مختلف رڪارڊن کي تاريخي دستاويزن ۾ محفوظ ڪري، سندن خلاصو ۽ تشريح ڪري ھن کي ھميشه لاءِ ھتان جي ماڻھن مٿان مڙهيو ويو”.

1843ع ۾ انگريزن بيٺڪيتي راڄ جي استحڪام لاءِ سنڌ کي پاڻي جي اھم وسيلي طور پنھنجي قبضي ھيٺ آندو ته جيئن ھو قبضي ھيٺ آيل نئين زرعي زمينن مان وڌيڪ منافعي بخش پيداوار حاصل ڪري سگھن. تنھنڪري ھنن فيبروري 1873ع ۾ ڪئنال ۽ ڊرينيج ايڪٽ ۽ 1879ع ۾ سنڌ ايريگيشن ايڪٽ لاڳو ڪيو. انهن جو اھم مقصد سنڌوءَ تي ڪينالن جي تعمير ۽ نيڪال جي نظام جي سار سنڀال لاءِ قانوني فريم ورڪ فراهم ڪندي زرعي پيداوار کي وڌائڻ هو. انھن پاليسين جو مقصد ٻه طرفو هو. پهريون ته، برطانوي راڄ، سنڌو درياھ جي پاڻي کي استعمال ڪندي زرعي برآمدات ذريعي شاھي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ چاهيو ٿي ته جيئن ھو ان جي ڪئنالن ۽ واهن کي استعمال ڪري بنجر زمينن کي زراعت جي قابل علائقن ۾ تبديل ڪري سگھي. سندن ٻيو مقصد مقبوضا سنڌ ۾ آبپاشي نظام متعارف ڪري، بيٺڪيتي اختيارين کي ڌرتي ڌڻين جي زمينن تي نشانَ لڳائي ۽ مٿن ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو جواز ٺاھڻ ھو. ان سان مقامي آبادي تي سندن گرفت ۽ بيٺڪيتي درجا بندي مضبوط ٿي. برطانوي راڄ طرفان سنڌو ڊيلٽا جون زمينون صدين کان ھتي رھندڙ ڌرتي ڌڻين سان ڪنھن به مشاورت کان سواءِ استعمال ڪيون ويون. اھا ڪِرت سنڌ ۾ بيٺڪيتي طرزِ حڪمراني جي خاصيت بيان ڪري ٿي. ان کان علاوه “بيٺڪيتي آقائن انهن علائقن کي ‘بنجر زمين’ قرار ڏنو، جتي چوپايو مال چَرندو هو ۽ پاڻي جي کوٽ ھوندي ھئي. ھن بيانيي پٺيان سندن مقصد مقامي آبادي کي زبردستي بي گهر ڪري، ٻاھرين ماڻھن کي آباد ڪري، انھن ۾ ڌرتي ڌڻين جون زمينون ورهائڻ ھئو”. اھو لاهور سان تعلق رکندڙ مشھور پاڻي جي ماھر حسن عباس مون کي ٻڌايو.

انهن پاليسين نه رڳو سنڌو درياھ واري علائقي جي طبعي منظرنامي کي نئين سر تشڪيل ڪيو، پر ان جي سماجي، معاشي، ماحولياتي ۽ کاڌي پيتي تي پڻ لازوال اثر وڌو. ھن بيٺڪيتي انتشار درياھ ۾ لوڻياٺ کي روڪيندڙ تمر جي ٻيلن کي تباھ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ جي بيجا مداخلت سبب چاليھ لک ايڪڙ زرعي زمين زراعت جي قابل ناھي رھي. آخرڪار، ڊيمن ۽ بئراجن جو پاڻي ذخيرو ڪري ان جو رُخ ڦيرائي ان کي استعمال ڪرڻ سان درياھ ۾ پاڻي جي ضروري مقدار جو فقط ذرو حصو زمينن تائين پهچي سگهيو. ان کان علاوه، انهن پاليسين پاڻي جي وسيلن تي ملڪيت جو سرشتو قائم ڪيو. اهڙيءَ ريت ننڍڙن هارين ۽ روايتي زرعي سرگرمين کي پسماندگي جي ھنج ۾ اُڇلايو ويو ۽ درياھ جي وسيلن کان ٻاھرين قوتن حوالي ڪيو ويو، جنھن جو اظھار اڄڪلھ ڊيلٽا ۾ موجود عدم مساوات ۾ ٿئي ٿو.

1947ع ۾ رسمي آزادي ۽ انگريزن جي برصغير مان نڪرڻ کان پوءِ به، سندن پاران جوڙيل پاڻي جون پاليسيون قائم رهيون آھن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪيترائي اضافي ذخيرا، جهڙوڪ جهلم نديءَ تي منگلا ۽ سنڌو درياھ تي تربيلا ۽ چشما وغيره ٺاهيا ويا. انهن ذخيرن سان گڏ، پاڪستان هن وقت سنڌوءَ تي ڇهن وڏن بئراجن ذريعي ماضي جي يلغار قائم رکي آھي. ان کان علاوه ھن ٽي وڏا ڊيم، 23 بئراج، 12 انٽر-رِوَر ڪينال، ۽ 48 ٻاروھي وھندڙ واھن ذريعي سنڌو تي ٻيٺڪيتي راڄ کي جاري رکيو آھي. اڄ، هي وسيع سنڌو جي پاڻي تي ضابطي جو نظام انڊس بيسن ايريگيشن سسٽم (IBIS) جو حصو آھي. جيڪو ڊيلٽا جي ماڻھن ۽ ھن جي ماحولياتي نظام جي بجاءِ چين، هندستان، افغانستان ۽ پاڪستان جي 45 ملين ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين کي سيراب ڪري ٿو.

کاڌي، خوشي ۽ گڏيل تاريخ جي گمشدگي

گذريل سال جڏهن به مون ڊيلٽا جو دورو ڪيو ته مٺي پاڻي جي کوٽ سبب ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ شڪايتون منھنجي مشاھدي ھيٺ آيون. سنڌ جي مشهور مڇي پَلو، جيڪا سمنڊ کان درياھ جي پاڻيءَ ۾ ترندي آهي، اها مٺي پاڻيءَ جو تحفو هئي، پر ڊيلٽا جي ڪيترن ئي رهاڪن مون کي ٻڌايو ته پلو، ڊنگري ۽ انھن جھڙيون ٻيون مڇيون “هاڻي اسان ڏانھن ڪونه ٿيون تري اچن”. بقول بابو، “ماهيگير عام طور تي پنهنجي گهر ڀاتين جي کائڻ لاءِ ڪافي پلا جھليندا هئا ۽ باقي جيڪي بچي ويندا ھئا، اُھي بازارن ۾ وڪڻندا هئا”. ھن وڌيڪ چيو ته ھو هڪ ڏينهن ۾ ٽي کان چار ڪلو مڇي آسانيءَ سان پڪڙيندو ھئو. پر “هاڻي آئون هڪ ڪلو جو داڻو به جھلڻ لاءِ وڏا جتن، وڏي ڪوشش ڪريان ٿو”. هن چيو. هڪ ستر سالن جي بزرگ نالي عبدالله مُرگهر، جيڪو حالانڪه بابو کان پري پاڻي جي پرئينءَ ڀر رهندو آهي، تنھن پڻ ھن ڳالھ تي زور ڏنو، جيڪا مونکي بابوءَ ٻڌائي، ته ڪيئن ھاڻي ماڻهن کي شهرن جي حدن ۽ بازارن مان مڇي خريد ڪرڻي پوي ٿي. “پر يقينن، اسان لذيذ سامونڊي مڇي خريد ڪرڻ جي سگھ نٿا رکون. تنھنڪري ماڻهون اڪثر پنهنجي آس پاس جي لوڻ واري پاڻيءَ تي ئي ان لاءِ ڀاڙين ٿا”. ڇاڪاڻ جو ڊيلٽا جي ماڻھن لاءِ اڄ ڏينھن تائين مڇي ۽ چانورن جي ھڪڙي پليٽ يا چانورن جي ماني بهترين کاڌو آهي. مون کي ٻڌايو ويو هو ته اهي ٻئي شيون آھن ته ‘پيٽ ڀريل’ هوندو آهي. انھن کي هاڻي گهٽ غذائي متبادل شين ڏانهن رخ ڪرڻو پئي پيو. هو ڇوڏي ۽ گولي مڇي کائين ٿا، جيڪي ننڍيون ٿينديون آھن پر انھن لاءِ مهانگيون آھن، ڇو ته ڇوڏيءَ جي قيمت 350 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته گولي 730 رپيا في ڪلو ملي ٿي. بابوءَ جهڙن ماهيگيرن لاءِ، جن جا خاندان هر مهيني لڳ ڀڳ فقط 20 هزار روپيا ڪمائين ٿا، تن لاءِ اھڙين قيمتن واريون مڇيون خريد ڪرڻ ممڪن ناھي.

سنڌوءَ ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ سبب مڇيءَ جي واڌ ويجھ ۾ گھٽتائي ٿي آھي. نتيجي ۾ ماهيگير ھاڻي پنهنجي روزي ۽ گذر سفر لاءِ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ تي وڌيڪ ڀاڙين ٿا. پر اونهي ۾ مڇي مارڻ هر ڪنهن جي وَس جي ڳالھ ناهي، ڇو ته اها ھڪ خطرناڪ مشق آهي ۽ ان لاءِ قوت برداشت جي ضرورت آهي، جو ماهيگيرن کي ڪافي مڇيون جھلڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين سمنڊ ۾ رهڻو پوي ٿو ته جيئن ھو پنھنجي سفر ۽ ھن پُر خطر مشق کي ڪارائتو بڻائي سگھن. بقا جي هن خطرناڪ جدوجهد ۾، ڊيلٽا جي ماھيگيرن جي زندگي ھاڻي اھڙن مختلف جوکائتي ڌنڌن تي منحصر ڪري ٿي، جهڙوڪ چيڪي مٽيءَ مان ڪيڪڙو جھلي واپارين کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اھي ڪيڪڙن جو اگھ طئي ڪري ان تي ضابطو نٿا رکي سگھن. ٻيو ته برصغير جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ڊيلٽا تي بي اصول، غير منصفاڻا، ۽ غير واضح سرحدون پڻ پيدا ٿيون، جيڪي ٻنهي پاسن جي ماهيگيرن لاءِ پريشاني پيدا ڪن ٿيون، جيڪي اڃا تائين برصغير جي ان گڏيل پاڻي تي رهن ٿا. سنڌو ڊيلٽا جي ماهيگيرن کي اڪثر ڪري ڀارتي بحري فوج جا عملدار گرفتار ڪري ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته اھي غلطي سان پاڪستان يا ڀارت جون سرحدون عربي سمنڊ ۾ پار ڪري ويندا آهن. ھن ريت گجرات جا ڀارتي ماهيگير پڻ سرحدن جي غير واضح ھئڻ سبب اڪثر ڪري پاڪستان جي جيلن ۾ قيد ڪيا ويندا آهن. هن وقت ڪراچي جي ملير جيل ۾ 266 ڀارتي مهاڻا ۽ گجرات جي مختلف جيلن ۾ 68 پاڪستاني ماهيگير قيد آھن.(هلندڙ)

https://www.vittlesmagazine.com/p/bittersweet-waters