ليگ وٽ ڪھڙو ترياق آھي؟ چي: نواز. ليگ جو منشور ؟ چي: نواز. ملڪ جي روڳ جو آخر علاج ڪيئن ٿيندو؟ چي: اھو نواز وزيراعظم ٿيندو تڏھن ٻڌائيندو. بحث اڳتي نه وڌيو.
اڄڪلھ سياست ۾ بحث نه ٿو ٿئي. فتوائون ٿين ٿيون. بحث ٿئي به ڪيئن؟ سياست جي اسٽيج تي نظرياتي ماڻھو آھن ئي نہ. نظرياتي ماڻھو پوين بينچن back benches تي. جيئن بي بي جو چوڻ ھو، ٿيو ايئن جو جنھن پارٽيء صنعتي ادارن کي سرڪاري بنايو، يعني نيشنلائيز ڪيو، ان ئي نجڪاري پاليسي کي اڳتي وڌايو. جنھن سان بيروزگاري وڌي ۽ معاشي سلامتي ميسارجڻ لڳي.
نجڪاري سامراجي پاليسي آھي. ان جي ضرورت ان دليل سان ڄاڻائي ٿي وڃي ته ادارا تباھ ٿي رھيا آھن، ڪرپشن ادارن کي کائي رھي آھي. اھو دليل ھڪ دوکو آھي، جيڪو جاھل ۽ غافل تي جادو ڪري ٿو. جنرل ضياءَ جي راڄ ۾ ادارن کي ڪرپشن حوالي ڪيو ويو. اھل ماڻھن کي سندن ڪم تي لڳائڻ بدران غير سويلينس کي سويلين ادارن مسلط ڪيو ويو. نيم حڪيم خطرهء جان. سو اھو طئه ٿي ويو ته ادارا تباھ برباد ٿيندا. ضياءَ آمريت نه رھي ته جمھوري قوتن کي تباھي جو اھو سلسلو روڪڻ گھرجي ھا. پر انھن مٿان ايندڙ حڪمن کي مڃيو، عوام جي ھڪ نه ٻڌي. پوء اھي جمھوري قوتون بي تخت ڪيون ويون، پر بي تاج بادشاھي انھن جي نانء ئي رھي. وقت گذرڻ سان گڏ انھن جي قوت کي وڏي پلاننگ ۽ پروپيگنڊا سان گھٽ کان گھٽ ڪيو ويو. انھن جي مقابلي ۾ نواز رھيو ۽ ليگ رھي. نواز ھميشه انھن قوتن جو رھيو، جن جو عوام سان اھو ناتو رھيو، جيڪو سرڻ ۽ چوزن جو، گولين ۽ ماڻھوء جي سيني جو، برسات ۽ ڪچي گھر جو، طوفان ۽ ڪکن جو، خزاني ۽ خيانت جو. خيانت يا ڪرپشن سرمائيداريء جو نتيجو آھي. جڏھن ڪو سياسي ماڻھو پنھنجو مقصد ڪرپشن خلاف ٻڌائي ۽ سرمائيداريءَ جي خدمت ڪري ته اھو ڪرپشن خلاف نه پر عوام خلاف ڪتب ايندو آھي. 2018 ۾ عوام سان ڌانڌلي ڪري ھڪ پارٽيء کي ويساکين تي بيھاري ان جي ڪابينا ٺاھي وئي. ان سرمائيداريءَ جي خوب خدمت ڪئي ۽ ڪرپشن خلاف ان جي رٽ به جاري رھي. ان جا سڀ سياسي نعرا ناڪام رھيا، خاص طور سستن گھرن جي اسڪيم، جنھن جو دوکو ملڪ ۾ چند ماڻھن ئي سمجھيو. اھا اسڪيم ناڪام ھئي پر جڏھن ان جو خاڪو ٺاھيو ويو ته اھو انھن ماڻھن لاء ھو جن مان ھر ھڪ جي ماھوار بچت گھٽ ۾ گھٽ 25 ھزار ھجي.
نواز جي ڪا اسڪيم ته ان طبقي لاء به نه ھئي. ان رڳو پنھنجي برادري وارن يعني وڏن سرمائيدارن جي خدمت ڪئي. ھاڻي به جڏھن ھو وڌيڪ وڏي ڄمار وارو ٿي پرڏيھ مان موٽي آيو آھي تڏھن بہ وٽس ڪنھن به قسم جو ڪو ويزن ناھي، سواء ان جي ته ھو سڀني کي گڏ کڻي ھلندو. اڪثر طور ھن ذاتي ڳالھيون ڪيون. سندس آجيان واري جلسي جي تقرير ڪنھن مدبر، دورانديش بلڪ ڪنھن ننڍي مغز واري سياستدان جي تقرير جھڙي به نه ھئي. اھو چوڻ ته “عوام جي محبت ۽ محنت منھنجو سڀ کان وڏو اثاثو آھي” به سرمائيدار وارا لفظ آھن. عوام جي محنت جو استحصال ئي ته سرمائيدار جي دولت جو سبب آهي.
عوام جا حق کائي، ڪرپشن ڪري ۽ ڏاڍن ظالمن جو ساٿ ڏئي سياسي طور جيڪي شخص عوام تي مڙھيل رھيا، انھن جي ڪري به عوام اڄ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاري رھيو آھي. حقيقي لحاظ کان ڏسجي ته غربت جي سطح کان ھيٺ حياتي گھاريندڙ ماڻھن جو تعداد سرڪاري انگ 38 سيڪڙو کان مٿي آھي. عوام جي حالت وڌ ۾ وڌ رحم جوڳي ٿيندي پئي وڃي ۽ حڪمران ان سان کيڏ ڪري رھيا آھن. ڪجھ ڏينھن اڳ ھنن پيٽرول جي قيمت ۾ گھٽتائي ڪئي پر پوء گئس جي قيمت ھڪ سئو 93 سيڪڙو وڌائي ڪسر ڪڍي پئي وڃي. اڳي به مھانگائي جو کيل ايئن ڪيو ويندو رھيو آھي.
جيترا ڀيرا به ليگ کي ڪابينا ٺاھڻ جو موقعو ڏنو ويو، لڳاتار مھانگائي وڌي، بلڪ نواز دور کي مھانگائي جو دور چئجي ته ٺھندو ۽ ان جي ڪابينا کي سرخي پائوڊر واري سرڪار چئي سگھجي ٿو. نواز دور ۾ عوام لاء ذري جو رليف نه ھو، ان جي دور ۾ سدائين سرڪاري نوڪرين تي بندش رھي. آزمائي کي آزمائي ڌوڙ منھن ۾ پائي. سالن جا سال عوام جا حق لتاڙي، نعرو ھڻڻ ته نواز ملڪ بچائيندو ۽ معيشت ٺيڪ ڪندو، ڏاڍو عجيب آھي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيون پارٽيون به ڀروسي جھڙيون ناھن. سموريون پارٽيون اڄ ئي نه زمانن کان اسٽيبلشمنٽ جي آشيرواد جون منتظر رھيون آھن. انھن کي وزارتون به نصيب ٿين، تڏھن به ڏاڍن اڳيان ھٿ جوڙي ويٺو رھڻ ۽ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪرڻ سندن معمول رھندو آھي، خاص طور جيستائين عام ماڻھن جي ڀلائي جو واسطو آھي. پارٽي ڪھڙي به ھجي، ان کي جيڪڏھن سرڪار ۾ ڪا پتي ملي ٿي ته اھا به ان شرط سان ته انھن جو ڪوبه وزير مشير عوام جي ڀلائي نه ڪندو. وچ ۾ جيڪڏھن ڪنھن ميٽرڪ تائين ٻارن کي ڪتاب وغيره مفت ڏيڻ، نوڪريون ڏيڻ وغيره جھڙا ڪم ڪيا ته اھا استثنا رھي. استثنا ھڪ قانون آھي ۽ اھو وڏي قانون جو ڏن ڀرو ھوندو آھي. سو استثنا قانون جي نفي نه پر ان کي ھٿي ڏيندي آھي. ان طرح جيڪڏھن ڪنھن ڪو چڱو ڪم ڪيو آھي ته اھو سندس خيانت ۽ ٻين ڏوھن جي ٻوڏ ۾ لڙھي ويندو آھي. اھا به حقيقت آھي ته سياست جا پنھنجا ڦڏا ھوندا آھن. ماڻھو چوندا آھن ته سياست گندو کيل آھي. پر ان ۾ ليٿڙجڻ بنا ماڻھو ڪجھ نه ٿو ڪري سگھي. پر اھو ذھن جو ڪم آھي، جھڙي تھڙي جي وس جي ڳالھ ناھي، جيڪڏھن عوام جي سياست ڪرڻي ھجي.
سياست طبقاتي ٿيندي آھي. سو اميرن ۽ غريبن کي کير کنڊ ڪرڻ جو خيال ٻاراڻو آھي ۽ ھتي دل جي ڳالھ نه ھلندي آھي. باڪردار ماڻھو اصولن تي ھلندو آھي. ان ڪري اھو ئي ھن ميدان ۾ سڀ کان وڌ پٿر سھندو آھي. پر ھن ميدان ۾ رڳو عذاب ناھن. جيڪو ماڻھو ھڪ دفعو فيصلو ڪري وٺي ته کيس باطل دنيا کان پاسي تي رھڻو آھي ۽ اھو اڳتي وڌندو رھي ته مايوسي مٿس غالب پئجي سگھندي. ڀٽائيء چواڻي:
ھتان کڻي ھت، جن رکيو سي رسنديون،
ساجن سونھن سرت، وکا ئي ويجھو ٿيو.