جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ ليڪچرار انور پنهيار جي واقعي کانپوءِ ايس ايس پي سرگرم ٿي ويو، ايس ايس پي جي حڪم تي ايس ايچ اوز وياجين جو لسٽ ٺاھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وياجين جي لسٽ ۾ بااثر عورتون به شامل آهن، جڏهن ته ايئرپورٽ پوليس ليڪچرار کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ هڪ جوابدار محمد يونس چکڙو جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي، گرفتار جوابدار وٽان ليڪچرار جي پگهارن جا ضبط ڪيل 2 چيڪ به هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻن جوابدارن ظهور پٺاڻ ۽ ممتاز عرف عدنان سنڌي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، هوڏانهن جميعت علماءِ اسلام ۽ شھرين پاران وياجين خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن ڊاڪٽر اي جي انصاري، محمد شعبان ابڙو، ممتاز ٻرڙو، عيد محمد ڊومڪي، عبدالنبي لاشاري، ڪرسچن اڳواڻ جان پرويز، ھندو اڳواڻ سنديپ ڪمار، رفيق احمد فخري ۽ ٻين چيوته وياج جي وبا ھزارين ماڻهن جا گھر اجاڙي ڇڏيا آھن، سود خورن عوام جو جيئڻ بڻائي شھرين جي گھرن ۽ دڪانن تي قبضي ڪيو آھي، ليڪچرار انور علي پھنيار وياج خورن کان تنگ اچي پاڻ کي پکي ۾ لٽڪائي زندگي جو انت آندو، جيڪو انتھائي ڏکائتو عمل آھي هنن مطالبو ڪيو ته وياجين خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.