ليکڪ ۽ اديب جي وچ ۾ بنيادي ادبي فرق ۽ علمي تضاد

0
44
ليکڪ ۽ اديب جي وچ ۾ بنيادي ادبي فرق ۽ علمي تضاد

 اسان جي اڪثريت ھي سمجھي ٿي ته “لکڻ ۽ پڙھڻ واري دنيا” جو تعلق بظاھر تعليمي ادارن ۽ ان سان سلھاڙيل فردن جي ڪرت سان آھي پر اسان ساڳين لفظن جي گھرائي جو مشاھدو ڪنداسين ۽ ھنن جي وسيع منظر نامي ۾، يا ڪن مخصوص فردن جي ذوق ۽ شوق کي آڏو رکي جيڪڏھن ھنن جي تور تڪ (اسيسمنٽ) ڪنداسين ته ھنن ٻنھي لفظن جي حرمت ۽ معنيٰ جي پويان جيڪو ڳُجھ سمايل آھي اھو ڳجھ اسان جي ملاقات ٻن اھم لفظن “ليکڪ” يعني رائيٽر ۽ “اديب” يعني آٿر سان ڪرائيندي ڪنھن به قسم جو عار محسوس ڪونہ ڪري. ليکڪ ۽ اديب وارن لفظن کي عام طور تي ھڪ ئي معنيٰ ۾ ورتو ۽ سمجھيو وڃي ٿو پر انگريزي ادب ھنن ٻنھي لفظن ۾ نہ صرف واضح ۽ چٽو فرق ڪري ٿو پر ھنن ٻنھي جي ادبي ۽ علمي تضاد کي به اڀاري ٿو. فرق ۽ تضاد ھي ڄاڻ ڏئي ٿو ته ھنن ٻنھي لفظن ۾ جيڪڏھن ڪو تفاوت آھي، ته ڇو آھي ۽ جيڪڏھن ڪو تضاد آھي، ته ڇو آھي؟ اسان مان اھي فرد جيڪي لکڻ ۽ پڙھڻ واري دنيا سان سلھاڙيل آھن انھن کي ھنن جا پڙھندڙ ڪنھن وقت لکندڙ چون ٿا ته، ڪڏھن لکاري چون ٿا يا ڪنھن گھڙي ليکڪ ته ڪڏھن وري اديب طور ياد ڪن ٿا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته پڙھندڙن پاران ھنن ٻنھي لفظن جي حرمت ۽ معنيٰ جو خيال ڇو ڪونه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇو اسان اُٺ ڪتابن جا پڙھي به ھنن لفظن جي ادبي فرق ۽ علمي تضاد کي ناھيون سمجھي سگھيا. ھن ڳالھ کان انڪار ناھي ته جيڪي فرد انگريزي يا سنڌي ادب جي دنيا سان واسطو رکن ٿا، انھن کي چڱي طرح سان ھي ڄاڻ ھوندي ته ليکڪ ڪير آھن؟ اديب ڪير ٿي سگھي ٿو؟ پر عام خلق کي ھي خبر بلڪل به نه ھوندي ته ھر ليکڪ اديب ناھي ٿي سگھندو ۽ ھر اديب ليکڪ ناھي ھوندو. پر وري ائين به آھي ته ليکڪ اديب ته ٿي سگھي ٿو پر اديب جي ليکڪ ٿيڻ جا تمام گھٽ مثال ملن ٿا. يعني ليکڪ ۽ اديب ھڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا ته ٿي سگھن ٿا پر اھڙن سڪن جو تعداد تمام گھٽ ھجي ٿو. ڪجھ اھم فرق ۽ تضاد جيڪي لفظ ليکڪ ۽ اديب کي چٽي نموني سان الڳ ڪري بيھارن ۽ سڃاڻپ ڪرائين ٿا، اڄ پنھنجي مطالعي، ڄاڻ ۽ سمجھ جي موجب ڪوشش ڪري توھان کي انھن جي باري ڪجھ ٻڌايون ٿا ڇاڪاڻ جو ھي ھڪ علمي ڪم ۽ بحث آھي. عام قاري  کي ھنن لفظن جي حرمت، فرق ۽ تضاد جي باري ۾ ڄاڻي فائدو ضرور ٿيندو.

ادبي مواد جي مطالعي مان اسان کي ھي ڄاڻ ملي ٿي ته “ليکڪ” ۽ “اديب” اڪثر ھڪ ٻئي جي نعم البدل جي طور تي استعمال ٿيندا رھيا آھن ۽ ٿيندا رھن ٿا پر حقيقت ۾ اھي ٻئي لفظ علمي ادبي حوالي سان ھڪٻئي کان مڪمل طور تي مختلف ڪردارن، فردن ۽ ڪرتن جي نمائندگي ڪن ٿا. ھنن ٻنھي لفظن جي وچ ۾ جيڪي فرق ۽ تضاد آھن انھن کي سمجھڻ ھر ان ماڻھوءَ جي لاءِ تمام گھڻو ضروري آھي جيڪو ادب سان ٿورو يا گھڻو لڳاءُ رکي ٿو يا ادبي کيترن مان ڪنھن به ھڪ يعني يا ته نثر سان يا وري نظم سان واسطو رکي ٿو يا وري ٻنھي سان واسطو رکندڙ ھوندو آھي. ليکڪ ڪنھن کي چئجي ٿو؟ اصطلاحي طور تي لفظ ليکڪ ھڪ وسيع ۽ ڊگھي معنيٰ کي بيان ڪري ٿو. ھر اھو ماڻھو ليکڪ آھي جيڪو لکڻ واري سرگرمي ۾ عملي طور تي سرگرم آھي. توڻي جو ليکڪ لکڻ واري ڪرت ۾ ته اڳڀرو ھوندو آھي پر ھو ان ڏات کان محروم ھوندو آھي جيڪا ھڪ اديب جي وڏي سڃاڻپ بڻيل ھوندي آھي يعني نواڻ يا تخليقيت. ليکڪ پنھنجي ڪا تخليق ناھن گھڙيندا. ليکڪ لکڻين جون مختلف شڪليون ته تيار ڪري سگھن ٿا پر اھي ان قابليت کان محروم ھوندا آھن جيڪا قابليت پنھنجو ھڪ الڳ ئي اندازِ بيان رکي به ٿي ۽ سڃاڻپ به ڪرائي ٿي. ليکڪ مضمون، رپورٽون، ڪالم، مڪالما ۽ ٻيو به گھڻو ڪجھ لکندا آھن ۽ جن جو بنياد اڪثر ٻين جون تخليقون ۽ خيال به ھوندا آھن پر ھو ھي دعويٰ نٿا ڪري سگھن ته اھي سڀ لکڻيون ھنن جا پنھنجا ذاتي خيال ۽ تخليقون آھن. صحافت، اشتھار سازي، ٽيڪنيڪي يا تخليقي لکڻيون، جن جو بنيادي ڌيان معلومات يا بيان کي موثر طريقي سان پيش ڪرڻ يا پھچائڻ تي ھوندو آھي اھو سڄو ليکڪ جو ڪم ھوندو آھي. ليکڪ جو ڪردار ھي به ھوندو آھي ته ڪنھن ٻئي جي خيال ۽ تخليق کي بيان ڪرڻ يا حقيقتن تي آڌاريل معلومات کي ھڪ سھڻي انداز ۽ موثر نموني سان ٻين تائين پھچائڻو آھي. مثال طور، توھان بطور ھڪ ليکڪ جي ڪنھن مشھور ماڻھو جي باري ۾ لکڻ چاھيندا آھيو ته سڀ کان اول ان جي زندگي جي ھڙني پاسن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪندا آھيو ۽ ان کي عوامي معلومات جو ھڪ بھترين ذريعو بڻائڻ جي لاءِ پنھنجي لکڻي کي ھڪ خوبصورت بيانيي جي شڪل يا تعريف ۾ منتقل ڪندا آھيو يعني ھڪ ليکڪ ڪنھن  جي زندگي جو شاھڪار ڪھاڻيڪار بڻجڻ وارو ڪردار ته ادا ڪرڻ وارو بڻجي ويندو آھي پر اھا ڪھاڻي ھن جي ذاتي تخليق نه پر ھن جو ذاتي ليک، ادبي لکڻي يا تحقيق ھوندي آھي.

اديب ڪنھن کي چئجي ٿو؟ اديب ليکڪن جو اھو قسم آھي جيڪو ڪنھن خيال کي پنھنجي ذھني ڪينواس تي آڻي ھڪ خاص ڪم جي شروعات ڪري ٿو. جيئن ڪا ڪھاڻي لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ ٻيون به اھڙيون ادبي تخليقي ڪاوشون ڪرڻ جھڙوڪ ناول يا ناٽڪ لکڻ. ھڪ اديب جي سڃاڻپ ھن جي تخليق ھوندي آھي. ھڪ اديب پنھنجين تخليقن جي ذريعي پنھنجي خيالن، تصورن ۽ ڏات کي پيش ڪرڻ جا ذميوار ھوندا آھن. اھي ليکڪ وانگي ٻيون به لکڻيون لکي سگھن ٿا پر ھنن جي سڃاڻپ ھنن جون تخليقون ئي ھونديون آھن. اديبن کي جيڪا شئي ليکڪن کان منفرد ۽ الڳ ڏَسي ٿي اھو ھنن جو اندازِ بيان (ڊِڪشن) آھي. اديب سدائين تصورن ۾ رھڻ پسند ڪندا آھن ۽ ڪمال جون تخليقون تيار ڪري پنھنجي صلاحيتن جي سگھ کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ويندا آھن. اديب پنھنجين تخليقن جي حساب سان تخليق جي پھرين عمل کان وٺي ان کي حتمي شڪل ڏيڻ تائين جا ذميوار ھوندا آھن مثال طور اسان مان جيڪڏھن ڪنھن شيخ اياز جي جيون چرتر “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر” (چارئي جلد) پڙھي آھي ته توھان مزي سان، شيخ اياز جي شاعراڻن خيالن، نثري تخليقن، ادبي ڪاوشن، علمي تجربن ۽ ذاتي مشاھدن کان بھترين نموني سان واقف ٿي وڃو ٿا. شيخ اياز ليکڪ گھٽ پر اديب وڏو ھو جنھن پنھنجي جيون چرتر کي بيان ڪرڻ ۾ جنھن قسم جي ادبي اندازِ بيان جي عڪاسي ڪئي آھي ان جو مثال گھٽ ئي ملي ٿو. ياد رکو اديب جو ڪم پنھنجن خيالن، عقيدن ۽ راين کي پنھنجي ڏات يعني تخليقن جي ذريعي بي ڊپو اظھار ڪرڻ ھوندو آھي. ليکڪ ۽ اديب ۾ بنيادي فرق ۽ تضاد ھي به آھي ته ادبي ڪاوشن ۽ علمي لکڻين جي حوالي سان ھڪ ليکڪ ۽ ھڪ اديب جي وچ ۾ سڀ کان اھم ۽ بنيادي فرق ھنن جي خيالن جو بنياد ھوندو آھي. ليکڪ ٻين جي خيالن، موضوعن يا تخليق ڪيل ڪھاڻين ۽ ليکن تي ڪم ڪندو آھي. ليکڪ داستانن ۽ بيانين کي تيار ڪرڻ ۾ ماھر ته ھوندو آھي پر ضروري ناھي ته اھي پنھنجي ڪا سٺي تخليق تيار ڪرڻ جي قابل به ھجن يا ٿي سگھن ٿا. ٻئي پاسي اديب وري پنھنجي ھڪ منفرد خيال ۽ بيانيو تخليق ڪندو آھي. اديب پنھنجي ڏات جي بنيادي مواد جي لاءِ ذميوار ھوندو آھي. ھن جو ڪم ھن ڳالھ کي يقيني بڻائيندو آھي ته ھن جو ڪم ئي ھن جي انفراديت کي اوسر ڏئي ۽ مڃائي ٿو. ھنن ٻنھي ۾ ٻيون بنيادي فرق ھي آھي ته ليکڪ جو ڪم ڇپجي يا نہ ڇپجي پر ھو جت ڪٿ ليکڪ ئي سڏجڻ لڳي ٿو ڇاڪاڻ جو ھن ڪم ڪڏھن روزاني اخبارن، ھفتيوار رسالن يا ڪتابن ۾ ڇپجندو رھي ٿو. اديب جو ڪم جيستائين ڇپجي نٿو تيستائين ان جي اديب ھجڻ واري ڇاپ ڪنھن به ڪم جي ناھي ھوندي. لکڻ جي لاءِ ادبي مھارتون به ھڪ ليکڪ ۽ ھڪ اديب جي فرق کي نمايان ڪن ٿيون ھڪ ليکڪ جون مھارتون جديد لاڙن ۽ گھرجن آڌار تيار ٿينديون ۽ مٽبيون رھن ٿيون جڏھن ته اديب جي ٻولي خالص ادبي، علمي ۽ نئين پراڻي معاشري جي عڪاس ھجي ٿي. اديب جي تخليقي ڪم کي سمجھڻ جي لاءِ علي بابا جو جڳ مشھور ناول موھن جو دڙو ھڪ بھترين مثال آھي. پنھنجين لکڻين جا حق ۽ واسطا رکڻ به ليکڪ ۽ اديب ۾ ھڪ وڏي فرق کي ظاھر ڪن ٿا اڪثر ليکڪ پنھنجين لکڻين جي لاءِ حقن ۽ واسطن جي دعويٰ کان محروم ھوندا آھن پر اديب پنھنجي ھر تخليقي ڪم جا حق ۽ واسطا رکي ٿو. حاصل مطلب ھي آھي ته ليکڪ ۽ اديب ڪڏھن ڪڏھن ھڪ ئي معنٰي ۾ استعمال ٿيندي نظر ته اچن ٿا پر اھي ادبي منظرنامي ۾ ھڪ الڳ، جدا ۽ ھڪ منفرد ڪردار ۽ ڪرت جي نمائندگي ڪندا آھن. اسان مان ڪافي ماڻھو ھر فن مولا ته ھوندا آھن يعني “جيڪ آف آل بٽ ماسٽر آف نن” پر جيڪي ماڻھو ليکڪ ۽ اديب جي وچ ۾ بنيادي ادبي فرق ۽ علمي تضاد کي سمجھي اڳتي وڌن ٿا انھن مان ڪي ماڻھو سٺا ليکڪ ٿي وڃن ٿا ته ڪو ماڻھو ڪمال جو اديب ٿي وڃي ٿو ۽ سئو ڳالھ جي ھڪڙي ڳالھ ته ليکڪ صرف لفظيڪار ھوندو آھي جڏھن ته اديب لفظيڪار سان گڏ تخليقڪار به ھوندو آھي.