ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ليڊي ھيلٿ ورڪرز ايسوسيئيشن جي سربراھه بشريٰ آرائين، فرحت سلطانه ۽ ٻين  ليڊي ھيلٿ ورڪرز پروگرام پي پي ايچ حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چتاءُ ڏنو آھي ته ھفتي اندر فيصلو واپس وٺي سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اهي سي ايم ھائوس تائين مارچ ڪنديون، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌ ۾ پوليو،  ارڙي توڙي ٻين بيمارين کان بچاءَ واري ويڪسين کان وٺي ماءُ جي ٿڃ ٻارن کي پيارڻ واري مھم ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرز محنت ڪيون ٿيون پر کين سھولتون ميسر ناھن، ھاڻي وري سرڪار ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي بجيٽ ۽ پوسٽون پي پي ايچ آءِ حوالي پئي ڪري، جيڪو فيصلو قبول ناھي، هنن چيو ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت سموريون مراعتون ڏنيون وڃن، ايل ايچ ويز جي خالي پيل پوسٽن تي شفاف ڀرتيون ڪيون وڃن، 18 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي سروس اسٽرڪچر ڏئي،  ھڪ ئي گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي  اپ گريڊ ڪيو وڃي.