برازيليا (شوبز نيوز) ڏکڻ آمريڪي ملڪ برازيل جي پوليس آمريڪي پاپ گلوڪارا ليڊي گاگا جي تاريخي ڪنسرٽ ۾ بم ڌماڪي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس موجب بم حملي جو منصوبو سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ بيانيي ۽ نوجوانن ۾ شدت پسندي وڌائيندڙ هڪ ٽولي تيار ڪيو هو. پوليس ٻڌايو ته انٽيليجنس اطلاع جي بنياد تي ڪيل ڪارروائي دوران ٽولي جي سربراهه سميت ٻه ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، انهن وٽ ڌماڪيدار مواد موجود هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته گذريل رات ريو ڊي جنيرو جي سمنڊ ڪناري تي ٿيندڙ ليڊي گاگا جي ڪنسرٽ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا هئا.