ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ، پي آءِ ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، هڪ شهري مظاهرين تي ڪار چاڙهي ڇڏي، 2 زخمي، خاطري بعد ڌرڻو ختم، ان ڏس ۾ سوين ليڊي هيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ پولو گرائونڊ کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ، پوليس وزيراعليٰ هائوس کان ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي پي آءِ ڊي سي چوڪ تي کين روڪي ورتو، جنهن بعد مظاهرين اتي ئي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جنهن تان شهرين ۽ مظاهرين ۾ جھڙپون پڻ ٿيون، هڪ شهري مظاهرين مٿان ڪار چاڙهي ڇڏي، جنهن سبب 2 ليڊي هيلٿ ورڪرز زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال نيو ويو. 3 ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد صحت کاتي جي ڊي جي ارشاد ميمڻ، ايس ايس پي سائوٿ زبير نذير ۽ ٻين مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سروس اسٽرڪچر ۽ ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ته جيئم سندن پگھارون وڌڻ سان گڏوگڏ کين ترقيون به ملن، ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام کي 90 ع واري ڏهاڪي وانگر ڊزائين ڪيو وڃي، پراونشل سينٽر ڏنو وڃي، ضلعي سطح تي آفيسون کپن، پروگرام کي الڳ ۽ آزاد بڻايو وڃي. جنهن تي ڊي جي هيلٿ کين مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي 46 ڏينهن جي مهلت ورتي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو