اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ست رڪني بينچ انڪم ليوي ٽيڪس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ انڪم ليوي ٽيڪس ايڪٽ 2013ع جي خلاف 1178 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل ايف بي آر ٻڌايو ته ڪيسن جي ڪيترن ئي ڌرين کي نوٽِسز موصول ناهن ٿي سگهيا. ڪيس ۾ لاهور ۽ ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. چار سو ماڻهن جو رهائش جو پتو شايد درست ناهي، ڪيسن ۾ اپيل ٻڌڻي جوڳي هجڻ متعلق به مسئلو آهي. عدالت چيو ته درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ وارو معاملو ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌنداسين. عدالت نوٽيسن جي تعميل لاءِ اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي.