سکر(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چونڊن کان اڳ ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ جو ڏوراپو ڏيندي ڪراچي ۾ ٻين صوبن جا آفيسر مقرر ڪرڻ تي به اعتراض واري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته جنرل فيض ۽ عمران دهشتگردن کي هٿي ڏني، افغانستان مان آمريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڪيئن پهتا؟ ملڪ هلائڻ لاءِ پُراڻو طريقو ڇڏيو، پنهنجي رياست ۽ شهيدن سان انصاف ڪريو، سکر ۾ شهيد جان محمد مهر جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ پهچي ويا آهن، افغانستان مان اهي هٿيار پاڪستان ڪيئن پهتا؟ ڇا جنرل فيض ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اندازو نه هو ته جِن دهشتگردن کي هُو آباد ڪرڻ گهرن ٿا، اُنهن کي ڪراچي پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ غلط فيصلا ڪندڙ سياستدان آهن ته عوام سندن احتساب ڪندو، پر جيڪڏهن غلط فيصلا ڪندڙ اداري جي ماڻهو هئا ته ادارو سندن احتساب ڪري ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پ پ چونڊن جي حوالي سان ليول پلينگ ۾ اڪيلي ناھي، پر ٻيون سياسي پارٽيون پڻ چونڊن جي حوالي سان پاليسي بيان جاري ڪري رھيون آھن. ليول پلينگ تي منھنجو اعتراض آھي، ھن چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ 90 ڏينھن اندر چونڊن جي ڳالھ ڪئي ھئي. چونڊون 90 ڏينھن کان اڳتي وڃي سگھن ٿيون پر اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آھي. پيپلز پارٽي اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ جي درخواست ڏيندي بلاول چيو ته عوام راڄ جمھوريت کان سواءِ ممڪن ناھي. ڇو ته عوام جو نمائندو ووٽن ذريعي چونڊجي، صوبي ۽ اسلام آباد جي ايوانن ۾ ايندو آھي جِتي چونڊيل نمائندو عوام جو آواز بڻجي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو آھي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌو درياءَ جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوھارين جا محفوظ ٿاڪ موجود آھن، ڪچي ۾ پوليس آفيسر ۽ اھلڪار ڌاڙيلن سان وڙھي شھيد ٿين ٿا، پوليس جي جوانن کي نه صرف عوام پر سياستدانن جي به سپورٽ ھجڻ گھرجي، افغانستان ۾ دھشتگردن خلاف آمريڪا جا استعمال ٿيل ھٿيار ڪچي وارن علائقن ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. افغانستان خلاف آمريڪي فوج جا استعمال ڪيل ھٿيار ڪي پي ڪي ۽ ٻين صوبن ۾ دھشت ڦھلائڻ لاءِ پھچايا ويا. اِھو خوفناڪ عمل آھي عمران خان جي خوفناڪ پاليسيءَ سبب ڪچيءَ ۾ ڌاڙيلن وٽ اھي ھٿيار پھتا. ڏوھارين وٽ جديد ھٿيار ھجڻ ڪري بدامني ۽ ٻين ڏوھن جو آزار وڌي ويو آھي. ھن وقت سمورو پاڪستان دھشتگردي کي منھن ڏئي رھيو آھي. دھشتگرديءَ کي منھن ڏيڻ جي لاءِ وقتائتا قدم کڻڻ انتھائي ضروري آھن. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ صوبي ۾ 15 سال حڪومت ڪئي آھي اِن کان اڳ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي ويندڙ قافلن جي صورت ۾ ويندا ھئا ڇو جو کين ڪچي جي ڏوھارين ھٿان ڦرجڻ جو خدشو ھوندو ھو، 15 سال اڳ شھرن ۾ رت جي ھولي کيڏي پئي وئي، صوبي ۾ بدامنيءَ جي صورتحال خراب ھئي، اھڙي صورتحال ۾ سياست ھڪ جمود جو شڪار ھئي. اُن وقت پيپلز پارٽي دھشتگردن جي مقابلي جي ڳالھه ڪئي ۽ عوام کي بدامنيءَ کان نجات ڏيارڻ جو عزم ورجھايو. شھيد محترمه بينظير ڀٽو بھادري ۽ ھمٿ سان وقت جي سفاڪ ماڻھن سان اکين ۾ اکيون ملائي عوام جي حقن جي ڳالھه ڪئي جنھن سبب ڪارساز واقعو رونما ٿيو، پر پوءِ به شھيد محترمه بينظير ڀٽو پوئتي نه ھٽي ۽ ملڪ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي گڏ ڪري دھشتگردن ۽ عوام جو سڪون تباھه ڪندڙ ڏوھارين کي ٻنجو ڏيڻ جي پاليسي واضع ڪئي. اُن جو ئي نتيجو آھي جو دھشتگردن جي ريڙھ جي ھڏي پ پ حڪومت ۾ تباھه ڪئي وئي. ھن چيو ته معيشت جو برو حال آھي جنھن سبب مھانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آھي. اسلام آباد ۾ مخصوص سوچ تحت فيصلا ٿيندا آھن. ھڪ ته ظلم ٿيندو آھي وري ظلم مٿان ظلم ھوندو آھي. بجلي بلن ۾ اضافو عوام مٿان ظلم آھي، منھنجي نظر ۾ بجلي اُھي چوري ڪري رھيا آھن جيڪي بجلي تقسيم ڪرڻ جا ذميوار آھن. جتان بجلي پئدا ٿئي ٿي اُتان جي مقامي ماڻھن کي سستي بجلي فراھم ڪرڻ حڪمرانن جو فرض آھي. گڏوگڏ انٽرنيشنل اداري سان ڪيل معاھدي جي پاسداري به ضروري آھي. جيڪڏھن بجلي بلوچستان، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير ۽ سنڌ صوبو پيدا ڪن ٿا ته انھن کي سستي بجلي ملڻ گھرجي. پوءِ ٻين علائقن جون ضرورتون پوريون ڪري سگھجن ٿيون. ٿرپارڪر جو ڪوئلو ٻين صوبن ۾ توانائي طور استعمال ٿئي ٿو پر مون سنڌ حڪومت کان سبسڊي ڏياري ٿر جي عوام کي بجلي بل گھٽ رقم وارا ڏياريا آھن. ھن چيو ته ٿرڪول ملڪ جي بجلي سسٽم ۾ 25 سيڪڙو بجلي فراھم ڪري ٿو. وفاق وارا نه صرف سنڌ پر پنجاب کي به ھلڻ نٿا ڏين. پ پ جي پاليسي آھي ته ھر ڊويزن ۾ سولر سسٽم لڳائي سست بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا وڃن. پيپلز پارٽي ماضي ۾ جيڪڏھن ائين ناھي ڪري سگھي ته مستقبل ۾ ائين ضروري ڪندي. هن چيو ته شھيد جان محمد مھر نه صرف سکر پر صوبي ۽ پاڪستان جي ميڊيا جو اثاثو ھو، جان محمد مھر مٿان قاتلاڻي حملي جي جيتري مذمت ڪجي اُھا گھٽ آھي، پيپلز پارٽي ايترو ڪري سگھي ٿي ته شھيد جي خاندان کي انصاف ڏياري، شھيد جان محمد مھر وارو واقعو پ پ حڪومت جي آخري ڏينھن ۾ پيش آيو، جنھن کان پوءِ مون اُن وقت جي وڏي وزير مراد شاھه کي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھدايتون جاري ڪيون، شھيد جي وارثن ۽ صحافين جي مطالبي تي سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي پر بدقسمتيءَ سان ڪيس ۾ جوابدارن خلاف جيڪي قدم کڻڻ گھربا ھئا اُھي ھن وقت تائين ناھن کنيا ويا. جيڪڏھن شھيد جي خون سان جلد انصاف نه ٿيو ته پ پ سک سان نه ويھندي. اِن موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سندس ڀيڻ آصفا ڀٽو زرداري، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاھ، عاجز ڌامراھ، اويس قادر شاھ، اعجاز جکراڻي، نعمان اسلام شيخ، جميل سومرو، وقار مھدي، ڪميل حيدر شاھ، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، طارق چوھاڻ، اقليتي اڳواڻ راجڪمار واڌواڻي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.