ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ باوجود پيپلزپارٽي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي: شرجيل ميمڻ

0
69
ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ باوجود پيپلزپارٽي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي: شرجيل ميمڻ
ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ باوجود پيپلزپارٽي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: پ پ اڳواڻ شرجيل  ميمڻ چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ باوجود پيپلزپارٽي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي، هڪ سياسي جماعت اليڪشن وڙهڻ کان لنوائي رهي آهي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت توهان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بڻايو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي ننڍي مڪاني چونڊ جيان عام چونڊن ۾ به رڳو تير تي ٺپا لڳندا

سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي کي ڪراچي ۾ ننڍي مڪاني چونڊ دوران هر تڪ تي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ مليا

هن چيو ته ڪالهوڪي اليڪشن پيپلزپارٽي تي سرڪاري وسيلا استعمال ڪري چونڊون کٽڻ جي الزامن کي به غلط ثابت ڪيو، ڪالهوڪن نتيجن ثابت ڪيو ته ڪراچي جا ماڻهو پيپلزپارٽي سان گڏ آهن

پ پ اڳواڻن چيو ته عام چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي سامهون ايندي