لنڊن (اسپورٽس نيوز) ليورپول ٽوٽنهم هوٽسپر کي هارائي انگلش پريميئر ليگ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. چيمپيئن ٽيم ليورپول پنهنجي 34 هين ميچ ۾ ٽوٽنهم هوٽسپر کي 5-1 تان شڪست ڏئي، ويهون ڀيرو ٽورنامنيٽ کٽڻ جو اعزاز ماڻي ورتو. ان فيلڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ليورپول ٽوٽنهم هوٽسپر کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو ۽ پهرئين ئي هاف ۾ ٽي گول ڪري ڇڏيا.ٽئي گول ڊياز، ميڪ اليسٽر ۽ گيڪپو طرفان اسڪور ڪيا ويا، ٽوٽنهم هوٽسپر جو واحد گول جوڊي سولنڪي ڪيو. ٻئي هاف ۾ ليورپول جي محمد صلاح چوٿون گول ڪري ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي، ان فتح کانپووءِ ليورپول جون 34 ميچن کانپوءِ پوائنٽن جو انگ 82 ٿي ويو، جنهن انگلش پريميئر ليگ جو ٽائٽل ويهون ڀيرو حاصل ڪري ورتو.