لينن جا آخري سال

0
73
لينن جا آخري سال

 ولادمير لينن لاءِ آڪٽوبر انقلاب  آسان مرحلو هو، وڏي آزمائش اها  هئي ته سوشلسٽ سماج ڪيئن  قائم ڪري ڏيکاريندو؟ لينن پاڻ مڃيندو هو ته  سوشلزم قائم ڪرڻ سولو ڪم نه هو. ان لاءِ صبر ۽ علم گهرجي. سٺو انقلابي ليڊر هو تنهن ڪري   دڙڪا ۽ ٽهڪ ڏئي ناڪامين  جو اعتراف دشمن اڳيان ڪندو هو.  1922ع ۾ هن  مضمون  لکيو جنهن جو عنوان هو Ascending The High Mountain ,   ان ۾  پاڻ کي اوچي جبل تان لهندڙ ڪوهه گرد  سان ڀيٽيو هئائين. لينن اهڙو  ڪوهه گرد هو جنهن جبل جي چوٽي سر  نه ڪئي هئي ۽ اڌ تان ئي هيٺ لهي منزل تائين پهچڻ لاءِ ٻئي ڪنهن رستي  جي تلاش ۾ جبل تي ئي هلي رهيو هو.  هيٺ بيٺل تماشي خور جا آواز ٻڌندو ته ڦهه ڪري پوندو.   کيس اصل منزل ڪميونزم   جي رٿابندي ڪرڻي هئي.  اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس تڪڙي موت سبب اها منزل  ڏور ٿيندي وئي.

لينن ۽ ٽراٽسڪي  پهرئين عالمي جنگ   مان روس کي ٻاهر ڪڍي آيا ۽ 1918ع ۾ بريسٽ لٽووسڪ صلحنامي ۾ جرمني سان جنگ بندي جو اعلان ڪيو هيائون.  لينن کي پڪ هئي ته جنگ ۾ جرمني کي شڪست اچڻ  سان سڌارپسند سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي ، بادشاهه ۽ فوج عوام جو اعتماد  وڃائي ويٺا هئا.  جرمنيءَ ۾ بادشاهت جي خاتمي لاءِ مظاهرا ٿيا، ڪيسر ڀڄي ويو،فوج جي مدد سان   سوشل ڊيموڪريٽ فريڊرڪ ابرٽ وائيس چانسلر مقرر ٿيو، هن جنرل گِورنر سان ٺاهه ڪيو ته   جرمني ۾  عوامي انقلاب نه آڻڻ ڏيندا. روزا لڪسمبرگ جي اسپارٽڪس ليگ ۽ ٻين گروهن  سوشل ڊيموڪريٽ پارٽيءَ ۽ فوج جي ٺاهه خلاف   پنج لک  ورڪرن جو احتجاج ڪرايو، جرمن سپاهي سخت هئا عوام سان شامل نه ٿيا، گوليون وسائي 14 ڄڻا قتل ڪري ڏهڪاءَ ڦهلايو ويو. اسپارٽڪس ليگ جي ليڊرن روزا ۽ لائب ڪنيخت کي خطرناڪ فوجي گروهه Freikorps  هٿان مارايو ويو ۽ اليڪشن ڪرايا ويا جنهن ۾ سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي 14 ملين ووٽ کڻي حڪومت سنڀالي.  مطلب ته  جرمني ۾ عوامي انقلاب نه آيو ۽ لينن مايوس ٿي ويو، ڇو جو هاڻي فقط روس کي انقلاب جو قلعو بڻائڻو هو ۽ نئين اميد جو ڪرڻو  ايشيا ۽ آفريڪا   ۾ سامراج خلاف عوامي انقلابن ۾ نظر آيو هئس.

روس جي ڳوٺن  ۾ سوشل رِووليُوِشنريز ۽  آمريڪا، فرانس ۽ برطانيه جي مدد سان فوجي جنرلن   بالشوڪ حڪومت خلاف گهرو ويڙهه شروع ڪري ڇڏي جيڪا 1917ع کان 1922ع تائين هلي،ٽراٽسڪي ۽ ٽخاچ وسڪيءَ جي بهترين ملٽري حڪمت عملين سبب  ريڊ آرمي هن گهرو ويڙهه ۾  سوڀ ماڻي هئي، ٽراٽسڪي چوندو هو ته پوري روس کي  تباهه ڪري اها فتح ملي هئي.  پنج لک ماڻهو مئا هئا. معيشت ۽ صنعت تباهه ٿي هئي. معيشت کي ٻيهر چالو ڪرڻ لاءِ لينن  نئين معاشي  پاليسيNew Economic Policy  اختيار ڪئي ۽ هارين کي سرمائيداراڻي واپار وسيلي ملڪيت وڌائڻ جي موڪل ڏني وئي. مينشويڪن ۽ ٻين نقادن   اعتراض ڪيو ته اها پاليسي سوشلزم خلاف آهي پر لينن  جواب ڏنو  ته  معيشت جي ترقي لاءِ اهو قدم لازمي هو.  ٽراٽسڪي ۽ لينن  صنعتڪاري کي به زور وٺرايو ۽  فيڪٽرين ۾ ورڪرن جو ڪنٽرول ختم ڪرائي ماهر مقرر ڪيا، ان فيصلي تي تنقيد سامهون آئي ته  عملدارشاهي جو راڄ  نقصانڪار رهندو ۽ اڳتي  هلي سياسي ۽ معاشي عملدارشاهي ملڪ تي قبضو ڪري وٺندي. مجبوري ۾ بالشويڪ پارٽي جي نائين ڪانگريس ۾  تنقيد ۽ مخالفت ۽ ڌڙابنديءَ تي پابندي مڙهي وئي. قانون ساز اسيمبلي ٽوڙي بالشوڪ پارٽي جي هڪ هٽي قائم ڪئي وئي. مخالفت  نه سهڻ واري روش اسٽالن هتان سکيو هو ۽  پنهنجي دور ۾  لينن  جي سينٽرل ڪاميٽي جي پراڻن بالشويڪن ۽ آرمي جي جنرلن کي قتل ڪرايائين. اسپين جي ڪميونسٽ رومان مرڪاڊر کي ميڪسيڪو موڪلي  ٽراٽسڪيءَ جي ميڄالي ۾ ڪهاڙي  هڻائي کيس مارايو هئائين.

گهرو ويڙهه ۽ قحط جي ڪري  ورڪنگ ڪلاس جو وڏو انگ   ختم ٿي چڪو هو، ويهه لک شهري لڏپلاڻ ڪري ويا هئا. پراڻا ڪارڪن  مري چڪا هئا،  ان کوٽ جي پورائي لاءِ ڳوٺن مان نوان ڪارڪن  ڀرتي ڪيا  ويا جن مان گهڻن کي پارٽي بيوروڪريسي ۾  شامل ڪيو ويو هو، انهن وٽ 1905ع ۽ 1917ع وارو تجربو نه هو، انقلابي ڪلچر نه هو، ڪلچر جي هيٺين سطح  ڏسي لينن    Better Few But Better    نالي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن زور ڏنو ته انقلاب لاءِ   چند پر بهتر ماڻهو گهربل آهن. اعتراف ڪيائين ته  انقلابين  جو ڪلچر  يورپي معيارن کان به هيٺين سطح تي آهي. تعليم ۽ سکيا وسيلي بهتر ڪلچر اپنايو وڃي نه ته  نتيجا خراب نڪرندا.  انقلابي رياست ۾ فيوڊل ۽غلاماڻي  ڪلچر  لاءِ  ڪا به گنجائش نه آهي. هو مڃيندو هو ته  بالشوڪ رياست جا حال پورا  هئا، هنن پراڻي رياست ٽوڙي نه  هئي، زارشاهي واري رياست هلائي رهيا هئا جنهن کي تبديل ڪرڻ سان ئي سنجيده انقلاب ايندو.  1922ع ۾ لينن تي  فالج جو حملو ٿيو هو، کيس خبر هئي ته هو گهڻو وقت زندهه نه رهندو . پارٽيءَ  سندس مان ۾  جشن جو بندوبست ڪيو، سندس ثناخواني ڪئي وئي پر لينن چيو ته  ڊاڙون هڻڻ مان ڪجهه نه ورندو.

پارٽي آمريت کان بچڻ لاءِ ورڪرن ۽  هارين جي معائني ڪار ٽيم ٺاهي وڃي. پارٽي سوشلسٽ سماج اڏڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن مهل تائين اهي رڳو انقلاب جي دشمنن خلاف وڙهيا آهن، ننڍڙين بورجوازي جبلتن سان ويڙهه رهيل آهي. سوشلسٽ رياست اڃان قائم ڪرڻي آهي. لينن روس ۾ عوامي انقلاب  آڻي  مارڪس ۽ اينگلس جي خيالن کي اڳتي وڌايو هو. 1922ع ۾  لينن تائين خبر پهتي  ته  اسٽالن  چيڪا پوليس جي سربراهه کي جارجيه وٺي ويو هو ۽ مقامي بالشويڪ ليڊرن کي  مار ڪڍي آيو هو،  4 جنوري 1923ع ۾  لينن  خط لکي اسٽالن کي  جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي، ڪامينو کي  جارجيه موڪلي متاثر بالشويڪن کان معافي وٺرائي هئائين.  1924ع ۾ لينن گذاري ويو  ته سندس ڊپن حقيقت جو روپ  ڌاري ورتو.  ناديه ڪرپسڪيه جي ڳالهه نه  ٻُڌي وئي. اسٽالن ۽ پولٽ بيورو   لينن جي لاش جي ممي  ٺهرائي مقبرو قائم ڪرايو  ۽ کيس باظنطيني اولياءَ ڪرام بڻايو ويو.  بعد ۾  لينن جي خيالن کي به ممي فاءَ ڪيو ويو، هتي ڪارل مارڪس جي چوڻي ٺهڪي ٿي بيهي ته  انقلابي مرڻ بعد بي ضرر ڪيا ويندا آهن،  مقدس بنايا ويندا آهن  ته جيئن انهن وسيلي مظلومن کي ٺڳي سگهجي ۽ آٿت ڏئي سگهجي ۽ پوءِ انقلابي نظرين جو مطلب ڦيرائي نظرين کي  بازاري بڻايو ويندو آهي. اسٽالزم ۾ ڇا ڇا ٿيو، اهو  الڳ داستان آهي جنهن کي سمجهڻ لاءِ  طارق علي  Stalinist Legacy  ڪتاب ۾ اسڪالرن جا آرٽيڪل مرتب ڪيا هئا، اهو ڪتاب 1984ع ۾ ڇپيو هو  جنهن جو ذڪر شيخ اياز  به پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيو هو.