روھڙي(ن پ ا) سکر هيريٽيج سوسائٽي پاران سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم سونهن جو شاهڪار بڻيل تاريخي روھڙي لينس ڊائون پل جي 136هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سکر هيريٽيج سوسائٽي پاران هڪ ننڍڙي تقريب منعقد ڪري تاريخي پل جو مقصد ۽ اهميت بيان ڪئي وئي، سالگرهه تقريب ۾ شريڪ هيريٽيج سوسائٽي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي سالگرهه سرڪاري سطح تي ملهائڻ گهرجي پر افسوس هن اثاثي طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي، لينس ڊائون پل انگريز دور ۾ 27 مارچ 1889ع ۾ تيار ڪئي وئي، هن پل جي تعمير جو مقصد روھڙي ۽ سکر کي ملائڻ ۽ اهم تجارتي رستن کي آسان بڻائڻ هو، هن وقت پل ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي سگھه ناهي رهي جنهن ڪري تاريخي ورثي جي طاقت ۽ عمر وڌائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي سنڀال ۽ حفاظت ڪرڻ لازمي آهي.