لنڊن( انٽريسٽنگ نيوز) گھڻا ماڻهو صبح جو يا ناشتي سان گڏ سڀ کان پهريان کير پيئندا آهن جيڪو گھڻو ڪري مختلف شيون گڏائي پيتو ويندو آهي، جهڙوڪ ڪيلا، پروٽين پائوڊر، خشڪ ميوا وغيره. پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ڪجهه شيون کير سان ملائي پيئڻ سان مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا؟ جي ها! هونئن ته کير جا گھڻا فائدا آهن ڇو جو هو وٽامن ۽ معدنيات جو سٺو ذريعو آهي، اهو جسم کي معياري پروٽين فراهم ڪندو آهي. کير پيئڻ سان هڏن جي صحت به بهتر ٿيندي آهي، اهو هڏن جي ڪجهه بيمارين جهڙو آسٽيوپوروسس کي به روڪيندو آهي. پر ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي کير سان گڏ استعمال نه ڪرڻ گھرجن. اسان مختلف غذائن کي کير سان ملائي شربتن جو مزو وٺندا آهيون پر هر کاڌي کي ٺيڪ طريقي سان ٻين سان گڏائڻ گھرجي ڇو جو جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پيٽ ۾ سور، گيس، قبض، يا معدي جي تڪليف جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، اهو کير سان به ٿيندو آهي. کير ۽ مڇي ٻه ضد واريون غذائون آهن، کير جو تاثير ٿڌو جڏهن ته مڇي جسم کي گرمائش فراهم ڪندي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي اهي ٻئي غذائون اسان جي جسم تي بلڪل مخالف اثر وجهنديون آهن. مڇي کائڻ کان پوءِ کير پيئڻ سان هاضمي جا مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا جيڪي اوهان جي جسم جي ڪيميائي ردعمل کي تبديل ڪري سگھن ٿا ۽ اوهان جي مدافعتي نظام کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگھن ٿا. ليمي، اسٽرابيري، آڙو سميت اهڙن قسم جي ميون کان پوءِ کير پيئڻ کان پرهيز ڪريو، کير کي عام طور تي هضم ٿيڻ ۾ گھڻو وقت لڳندو آهي، ۽ جڏهن کٽيون يا تيزابيت واريون شيون کير سان گڏ کاڌيون وڃن ته سيني ۾ جلن يا جسم ۾ گيس ٺهڻ جو عمل بڻجي سگھي ٿو.