اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، وفاقي ڪابينا چيئرمين نادرا لاءِ ٽن نالن مان ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر جي بطور چيئرمين نادرا مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.  وفاقي ڪابينا تعليم ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ واري وفاقي وزارت جي سفارش تي تڪامل ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن وچ ۾ سروس ليول ۾ ترميم جي معاهدي جي منظوري ڏني، ايريا اسٽڊي سينٽر، پشاور يونيورسٽي ۽ سينٽرل ايشيا ريسرچ سينٽر آف ڪورينس يونيورسٽي، هنگري جي وچ ۾ معاهدي جي ياداشت تي صحيح جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا ناڻي وزارت جي سفارش تي سمٽ بينڪ لميٽيڊ جو نالو بينڪ مڪرمه لميٽيڊ رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت ايڪواڊور وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏني، جنهن تحت ٻنهي ملڪن جي سفارتي، سرڪاري ۽ خاص پاسپورٽ رکندڙن کي گڏيل طور تي ويزا کان ڇوٽ ڏني ويندي، وزيراعظم چيو ته ووڪيشنل ايجوڪيشن ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرامن کي عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ مهارت رکندڙ ماڻهن جي روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته افرادي قوت اسان جو سرمايو آهي، افرادي قوت کي دور جي تقاضائن مطابق مهارتن جي فراهمي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم وڃي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جا سمورا موجوده مرڪز فعال ڪيا وڃن. وفاقي ڪابينا 6 سيپٽمبر 2023ع ۽ 19 سيپٽمبر 2023ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.