ڪراچي (اسپورٽس نيوز): اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي هڪ ڀيرو وري گرين شرٽ ۾ نظر ايندو، ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ويٽرنز ورلڊ ڪپ ۾ اڳوڻي ڪپتان جي شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ويٽرنز ايسوسيئيشن موجب، شاهد آفريدي سميت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيئي اڳوڻا ڪرڪيٽر عالمي ڪپ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا، ويٽرنز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته شاهد آفريدي، مصباح الحق ۽ يونس خان عالمي ڪپ ۾ شرڪت ڪندا ويٽرنز عالمي ڪپ ۾ چاليهه سالن کان وڌيڪ عمر جا رانديگر حصو وٺي سگهن ٿا، عالمي ڪپ هلندڙ سال 23 سپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. ايسوسيئيشن موجب، ويٽرنز ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا سميت اٺ مُلڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون.