برمنگھم(اسپورٽس ڊيسڪ) ليجنڊز ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ دوران پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ سان ڀارتي اداڪار اجي ديو گن ملاقات ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن جو موڊ انتهائي خوشگوار نظر آيو، ٻنهي خوشگوار موڊ ۾ هڪ ٻئي سان هٿ ملايو. اجي ديوگن ۽ شاهد آفريدي گرائونڊ ۾ ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا رهيا. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ چيمپئنز ليجنڊ ليگ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان چيمپئنز ڀارت چيمپئنز کي 68 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.