ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار 20 اربن کان وڌيڪ جي رقم نه ملڻ خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو، سنڌ سرڪار پاران موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مزدورن جي ڀلائي لاءِ پرائيويٽ ادارا ليبر کاتي کي مخصوص رقم ادا ڪندا هئا، هاڻ مختلف ڪمپنين صوبن کي پئسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، ايڊوڪيٽ جنرل جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمپنيز کي 50 سيڪڙو رقم عدالتي ناظر وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم باوجود ڪيتريون ئي ڪمپنيون رقم ادا نٿيون ڪن، رقم نه ملڻ سبب مزدورن لاءِ گهرن جي تعمير ۽ فلاحي ڪم متاثر ٿي رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي وڪيل جو چوڻ هو ته مزدورن جي بهتري لاءِ 20/25 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رڪجي وئي آهي، عدالت سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تي مقرر ڪري ڇڏي.