بيونس آئرس (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ليام پين جي موت جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. منشيات جي فراهمي جي الزام ۾ مفرور جوابدار ايزيڪيل ڊيوڊ پريرا پنهنجي وڪيل ذريعي پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. 21 سالن جي پريرا کي عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي گهربل قرار ڏنو ويو هو، پوليس بيونس آئرس ۽ ڀرپاسي مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، جنهن بعد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان اڳ پوليس هڪ ٻئي جوابدار برائن پائز کي به گرفتار ڪيو هو، جنهن تي ڳائڻي کي منشيات فراهم ڪرڻ جو الزام آهي، پائز انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان سميت چئن ٻين جوابدارن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن مان ٽن تي غير ارادي قتل جا الزام آهن. 16 آڪٽوبر، 2024 تي، ليام پين بيونس آئرس ۾ هوٽل جي بالڪوني مان ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو هو. پراسيڪيوٽرز دعويٰ ڪن ٿا ته هن حادثي کان اڳ ڪوڪين، شراب ۽ اينٽي ڊپريسنٽس جو استعمال ڪيو هو. ليام پين جي موت سڄي دنيا ۾ سندس مداحن کي غمگين ڪري ڇڏيو، هن جي اڳوڻي ون ڊائريڪشن بينڊ ميٽس پڻ هن جي ياد ۾ خراج تحسين پيش ڪيو.