اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لياقت علي چٺا منهنجو ويجھو دوست رهيو آهي، ڄاڻيان ٿو ته هو ڪافي وقت کان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا جا الزام رد ڪيا. هن چيو ته جيڪي الزام لياقت چٺا هنيا آهن، اهڙي ڪا ڳالهه هجي ها ته مون کي ضرور ٻڌائي ها، لياقت علي چٺا ڪافي وقت کان ذهني بيماري ۾ مبتلا آهي، ڇو جو خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ ذهني تور تي تندرست ناهي هوندو، ان لاءِ شايد سندس علاج به هلي رهيو هو.  ن ليگ جي 12 صوبائي ۽ 6 قومي سيٽن تي پوءِ وڃو، پهرين لياقت علي چٺا جي صحت جو تعين ٿيڻ گھرجي ۽ هو ذهني طور تي ٺيڪ آهي ته کيس شاهد طور پيش ڪرڻ گھرجي.