حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي پيراميڊيڪل جي شاگردن ڪورس مڪمل نه ڪرائڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ پريم چند، سرمد موريو، راشد علي، زبيده، عنزيلا، ماجد ۽ ٻين چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ سال 23-2024ع جي بئنچ جا شاگرد آهيون جن ۾ ڊسپينسر، او ٽي ٽيڪنيشن ۽ ٻين شعبن لاءِ هڪ سال جي ڊپلوما ڪري رهيا آھيون. سال پورو ٿيڻ وارو آهي پر لمس جي انتظاميا ڪورس مڪمل نه ڪرايو آھي جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. هنن چيو ته جڏھن ڪورس ئي مڪمل نه ٿيو آهي ته هڪ سال جي ڊپلوما ڊگري ڪيئن ملندي. هنن الزام هنيو ته ڊپلوما هڪ سال جو آھي جنهن جو سال پورو ٿيو پر ڪورس مڪمل نه ٿيو آهي. اي ايم ايس ٽريننگ محمد علي ڪي ڪي سندن ٽريننگ شيڊول بار بار وڌائي رهيو آھي. اڳ ۾ چيو ويو ته سيپٽمبر ۾ ڪورس ختم ٿيندو هاڻي 4 مهينا وڌايا ويا آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سندن ڪورس مڪمل ڪرائي اسان کي ڊگريون ۽ وظيفو جاري ڪيو وڃي.