حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي سرجري ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ڊاڪٽر ارشد ابڙو پاران عراق جي 4 ماهر سرجنز جي ٽريننگ ڏيڻ بابت سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو، عراقي ڊاڪٽرن پروفيسر معازم عبدالستار عبدالله، سرجن ڊاڪٽر احمد ظاهره خلف العيسيٰ، سرجن ڊاڪٽر صالح خادم مسلم ۽ سرجن ڊاڪٽر صادق قاسم جاسم سان گڏ بريفنگ ڏيندي چيو ته عراقي شهر بصرا جا سرجنز اڄ اسان سان گڏ موجود آهن جن کي مون ٽريننگ ڏني آهي. هن ٻڌايو ته عراقي ڊاڪٽرن کي اسٽڊ اينل فسٽيولا ٽريٽمينٽ، انڊواسڪوپي، پائلو نائڊل سرجري ۽ ٽرانس اينل انڊواسڪوپي آپريشن جي تربيت ڏني آهي. هن ٻڌايو ته سندس ڊپارٽمينٽ انوويٽو ايڊوانس سرجري پاران پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهي سرجريون هتي ڪيون ويون آهن. هن وقت عراقي ڊاڪٽرن سان گڏ 15 مريضن جون سرجريون ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته وڊيو اسڪوپ سرجري جي ذريعي هاڻي فسٽيولا سرجري جا مريض ٻن ڏينهن ۾ صحتياب ٿي ويندا.