اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪراچي لياري ۾ عمارت ڪرڻ جي حادثي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو مذمتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي علائقي لياري ۾ پنجن ماڙن رهائشي عمارت ڪرڻ واري ڏکوئيندڙ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هي رڳو هڪ افسوسناڪ حادثو نه آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) جي مجرمانه لاپرواهي ۽ بدترين بدعنواني جو نتيجو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي لڳاتار 18 سالن جي حڪومت باوجود شھري ڍانچي جي حالت انتهائي ابتڙ آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سنڌ حڪومت جو سڀ کان بدنام ۽ ڪرپٽ ادارو بڻجي چڪو آهي، جتي سفارشي ۽ سياسي بنيادن تي ڀرتيون ڪيون ويون آهن. ڪراچيءَ ۾ 570 کان وڌيڪ عمارتون خطرناڪ قرار ڏنل آهن، پر انهن مان وقت تي ماڻهن جي بي دخلي يا مرمت لاءِ ڪوبه عملي قدم نه کنيو ويو آهي.