ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي لياري مان اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي لياري واسي ڪاوڙجي پيا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب ڪالهه پيپلزپارٽي پاران ٽڪيٽن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ لياري جي قومي تڪ تان نبيل گبول کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. نبيل گبول کي ٽڪيٽ ڏيڻ تان لياري واسين احتجاج ڪيو. لياري جي رهواسين بلاول هائوس پنهنجي پارٽي جي فيصلي خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ نبيل گبول کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.