ملير (رپورٽر) ملير پوليس مقابلو رچائي لياري گينگ وار جي بابا لاڏلا گروپ جي گينگسٽر نويد ڪپي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب منزل پمپ ويجهو شاهه لطيف پوليس جو مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ لياري گينگ وار جي بابا لاڏلا گروپ جو ڪارندو نويد عرف ڪپي مارجي ويو، سندس قبضي مان هڪ 223 رائيفل، هڪ نائين ايم ايم مائوذر، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ آئي، پوليس موجب نويد ڪپي واپارين ۽ بلڊرن کي ڀتي جون پرچيون ڏيڻ ۽ ڀتا وصولي جي ڪيسن ۾ گهربل هو ،