ڪراچي: بغدادي واري علائقي ۾گھٽيون سوڙهيون هجڻ سبب ريسڪيو آپريشن سخت متاثر، ريسڪيو آپريشن دوران رڪاوٽون هٽايون ويون، بجلي جون تارون، گيس لائينون ۽ پاڻي جون پائيپ لائينون هٽائي هيوي مشينري کي اندر ملبي هٽائڻ لاءِ داخل ڪيو ويو. جڏهن ته شهرين جو وڏو انگ پهچڻ سبب زخمين ۽ لاش کڻي ويندڙ ايمبولينسن کي سخت ڏکيائي پيش آئي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پهچي شهرين کي ملبي واري هنڌان هٽايو .