ڪراچي: صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو انڪشاف ڪيو آهي ته لياري جنرل اسپتال ۾ جعلي ڊوميسائلن جي بنياد تي داخلائون ڪيون ويون هيون. جعلي ڊوميسائيل جي نشاندهي تي شاگردن کي ڪڍيو ويو ته پرتشدد احتجاج ڪيو ويو، ان معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، جعلي ڊوميسائيلن تي داخلائون ڏيندڙ جيڪي به ملازم ثابت ٿيا ته انهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته بيهوشي وارن ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، بيهوشي وارن ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ڪجهه اسپتالن جا آءِ سي يو بند پيل آهن، هن وڌيڪ چيو ته جيڪب آباد واقعي تي ڊي ايڇ او، ايس ايس پي ۽ ڊي سي کي معطل ڪيو ويو.