ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽيء جو لوگو ڇو استعمال ڪيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ يونيورسٽي انتظاميه جي درخواست تي 9 شاگردن کي نوٽيس جاري ڪندي 9 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي طرفان نئين داخلائن جي سلسلي ۾ انٽري ٽيسٽ 27 آگسٽ 2023 تي آءِ بي اي ڪراچي ۾ ٿي، وائيس چانسلر انٽري ٽيسٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتي ته جميعت جي ڪارڪنن پنهنجي بينر هيٺ يونيورسٽي جو لوگو لڳايو هو ، وائيس چانسلر شاگردن کي لوگو ھٽائڻ لاءِ چيو پر ٿوري دير کانپوءِ ٻيهر لوگو لڳايو ويو، مادرعلمي موجب  شاگردن کي يونيورسٽي جو آفيشل لوگو استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي.